ڪراچي جا رد ٿيل ماڻهو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر آهن، خالد مقبول صديقي

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته جيڪا جمهوريت عوام دشمن ۽ جاگيرداراڻي هجي ان کي جمهوريت نه سمجهيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب اڄ ڪراچي جا رد ٿيل ماڻهو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي لياقت آباد الڪرم اسڪوائر ڀرسان مختلف ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪرڻ بعد عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي خالد مقبول چيو ته ڪراچي جي سوچ ناظم آباد آهي ۽ دل لياقت آباد آهي، لياقت آباد ان کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري ٿو جو سڄو لاهور سيلز ٽيڪس ادا ڪري ٿو.

هن چيو ته اڄ لياقت آباد جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي حق پرست آهن، مڪاني نمائندا لياقت آباد جا نمائندا ناهن.

ڪنوينر ايم ڪيو ايم خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي پوليس ۽ ڌاڙيل ٻئي وارداتي آهن.

Read Previous

نواز شريف جون واپسي لاءِ تياريون، پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون

Read Next

ڇا ٽائيٽن آبدوز ۾ فوت ٿيلن جا لاش ڪڍيا ويندا؟

Most Popular