ڇا ٽائيٽن آبدوز ۾ فوت ٿيلن جا لاش ڪڍيا ويندا؟

امريڪي ڪوسٽ گارڊ جي ريئر ايڊمرل جان ميگر جو چوڻ آهي ته کيس پڪ ناهي ته ٽائيٽن آبدوز ۾ فوتي پنجن ماڻهن جا لاش ڳولڻ ممڪن آهي يا نه.

جان ميگر چيو آهي ته سمنڊ ۾ جتي آبدوز غائب ٿي ان ۾ پاڻي جي اونهائي تمام گهڻي آهي ۽ صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي.

رپورٽ موجب اهو واضح ناهي ته ٽائيٽن آبدوز حادثي جي جاچ جي اڳواڻي ڪهڙي ايجنسي ڪندي ڇو ته اهڙن واقعن لاءِ ڪي به ضابطا موجود ناهن.

ان حوالي سان ريئر ايڊمرل ميگر جو چوڻ آهي ته هي واقعو تمام منجهيل آهي ڇو ته اهو سمنڊ جي ڏورانهن حصي ۾ ٿيو ۽ مختلف قوميتن جا ماڻهو ان ۾ فوت ٿي ويا آهن.

هن چيو ته امڪان آهي ته آمريڪي ڪوسٽ گارڊ معاملي جي جاچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

واضح رهي ته ٽائيٽينڪ جي جهاز جي تباهيءَ دوران ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ گم ٿي ويل سياحتي آبدوز ٽائيٽن جو ملبو ملي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني صنعتڪار حسين دائود جي پٽ شهزاد دائود ۽ پوٽي سميت 5 مسافر سوار آهن. سليمان دائود جي فوت ٿيڻ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.

Read Previous

ڪراچي جا رد ٿيل ماڻهو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر آهن، خالد مقبول صديقي

Read Next

عثمان وزير يوٿ ورلڊ ٽائيٽل جو ڪاميابي سان دفاع ڪري ورتو

Most Popular