شهدادپور ۾ ڏيڍ مهينو اڳ هرکجي اغوا ڪيل نوجوان تي تشدد جي وڊيو وائرل

شھدادپور: ڏيڍ مھينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ڪيل شھدادپور شھر جي نسيم نگر واسي نوجوان رزاق سولنگي تي قمبر شھدادڪوٽ جي ڪچي ۾ زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ڪيل مٿان ڌاڙيلن بيرحماڻو تشدد ڪري اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيل زنجيرن ۾ جڪڙي ٻڌل نوجوان رزاق سولنگي مٿان ھٿيار تاڻي وحشياڻو تتشدد ڪري رھيا آھن وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيل نوجوان کان وارثن کي 30 لک ڀُنگ طلب ڪرڻ جو چورائي رھيا آھن وڊيو ۾ قيد ٿيل نوجوان چئي پيو ٽہ آئون شھدادپور واسي آھيان خدارا منهنجي اللہ جي واسطي مدد ڪري آزاد ڪرايو.

شھدادپور شھر جي نسيم نگر جي رهواسي نوجوان رزاق سولنگي عورتاڻي آواز تي ڏيڍ مھينو کن اڳ ھرکجي اغوا ٿي ويو ھو ۽ ڌاڙيلن کيس قمبر شھدادڪوٽ جي ڪچي ۾ زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ڪري ڇڏيو ھو ڌاڙيلن حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪري زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ڪيل نوجوان مٿان ھٿيار تاڻي سخت تشدد ڪري 30 لک ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن.

Read Previous

شاهوڪار ڌرتي جا وارث هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن، قادر مگسي

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين ثاقب نثار جهڙن ججز جي ڳولا ڪري رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

Most Popular