ترڪي ۽ مصر وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن سفير به مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
مصر جي پرڏيهي وزارت موجب ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ سفير مقرر ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪي ۽ مصر وچ ۾ 2013ع ۾ سفارتي لاڳاپا ختم ٿي ويا هئا.
رپورٽن مطابق مصر ملڪ ۾ غير مستحڪم تنظيمن جي حمايت ڪرڻ تي ترڪي جي سفير کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.