بلوچستان جي سنگرجو گيت نگران وزيراعظم تائين پهچي ويو

ڪراچي: بلوچستان جي سنگر گل مير جمالي جو ڳايل گيت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پهچي ويو

مقامي ڳائڻي گل مير جمالي پنهنجي گيت ۾ پنجره پل جو ذڪر ڪندي وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته پنجره پل ٺاهيو ۽ بلوچستان جي ڌرتيءَ سان پنهنجو فرض نڀايو

نگران وزيراعظم بلوچ سنگر جو گيت ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته پنجره پل ٺاهڻ لاءِ واڳيل ادارن کي حڪم جاري ڪيا آهن، عوام جو هي پراڻو مسئلو جلد حل ٿي ويندو

Read Previous

ڊونلڊ ٽرمپ سرينڊر ڪري ڇڏيو، اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير جاري

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

Most Popular