ڊونلڊ ٽرمپ سرينڊر ڪري ڇڏيو، اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير جاري

Trump

اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سرينڊر ڪري ڇڏيو، امريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير جاري ڪئي وئي.

اڳوڻو امريڪي صدر ٽرمپ جارجيا ۾ گرفتاري ڏيڻ لاءِ پيش، گرفتاري بعد ٽرمپ جا فنگر پرنٽ ورتا ويا، قيدين واري تصوير مڪ شاٽ جاري ڪئي وئي.

قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد 2 لک ڊالرز جي ضمانت تي ٽرمپ کي آزاد ڪيو ويو.

اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، فوجداري ڪيس ناانصافي آهي ، 2020ع جي چوندن کي چئلينج ڪرڻ جو حق حاصل آهي، چونڊون شفاف نه هيون

Read Previous

لاڙڪاڻي واسي ناري ۽ نوجوان ڪراچي ۾ قتل، پيءُ پٽ گرفتار

Read Next

بلوچستان جي سنگرجو گيت نگران وزيراعظم تائين پهچي ويو

Most Popular