پريتي زنٽا جو سهرو لاڏاڻو ڪري ويو

بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا جو سهرو لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب 48 ورهين جي اداڪارا ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پريتي زنٽا پنهنجي سهري جون سوينڊل سان گڏ پنهنجي هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي، جيڪا ممڪن آهي ته سندن 2016ع ۾ ٿيل شادي جي هجي.

واضح رهي ته اداڪارا پريتي زنٽا 2016ع ۾ آمريڪي شهري جين گڊينف سان شادي ڪئي هئي ۽ هوءَ سروگيسي ذريعي ٻن جاڙن ٻارن جي ماءُ آهي.

Read Previous

ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جو فائنل وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ جو فيصلو

Read Next

دهشتگردي جي خاتمي بابت مختصر وقت وارين دستاويزي فلمن جو مقابلو

Most Popular