ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جو فائنل وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ جو فيصلو

پنجاب جي نگران حڪومت ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جو فائنل وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان جو اولمپئن ارشد نديم به ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ جيولن اڇلائيندو نظر ايندو، جنهن کان قوم کي ميڊل جي اميد آهي.

ارشد نديم چيمپيئن شپ جي جيولن ايونٽ جي فائنل ۾ اڄ رات 11 وڳي کان پوءِ شرڪت ڪندو.

فائنل ۾ ارشد نديم کي ڀارتي رانديگر نيرج چوپڙا ۽ جرمن رانديگر ويبر سميت ٻين رانديگرن کان سخت مقابلي جو امڪان آهي.

ان حوالي سان پنجاب جي اسپورٽس ايڊوائيزر وهاب رياض چيو آهي ته لبرٽي رائونڊ ابائوٽ تي وڏي اسڪرين لڳائي ويندي.

Read Previous

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو وطن واپسي تي شاندار استقبال

Read Next

پريتي زنٽا جو سهرو لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular