بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا اروشي روٽيلا دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪاره آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڀارتي اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هوءَ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارا آهي، جيڪا في منٽ هڪ ڪروڙ رپيا ڪمائي ٿي.
اڳوڻو مس ڊيوا يونيورس جي هڪ پراڻي وڊيو، جنهن بالي ووڊ ۾ پنهنجي شروعات فلم ’سنگھ صاحب دي گريٽ‘ سان ڪئي، سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.
ڄاڻايل وڊيو ۾ 29 سالن جي اداڪارا کي دعويٰ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ ڀارتي فلم انڊسٽري جي مهانگي ترين اداڪاره آهي جنهن کي هڪ منٽ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا آهن.