نيو يارڪ جي ٽائمز اسڪوائر سب وي اسٽيشن اندر پاڻي جو پائپ ڦاٽي پيو

نيويارڪ سٽي جي ٽائمز اسڪوائر سب وي اسٽيشن اندر پاڻي جو پائپ ڀڃجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سب وي اسٽيشن پاڻي سان ڀرجي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب پاڻي جو پائپ ٽٽڻ سبب 1.8 ملين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو ۽ اسٽيشن کي پاڻي ڀرڻ بعد ميٽرو ٽرين جي آمد و رفت روڪي وئي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بند ٿيڻو پيو.

رپورٽن مطابق متاثر ٿيل سب وي اسٽيشن سڄي سال ۾ هفتي ۾ ست ڏينهن 24 ڪلاڪ هلندي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسٽيشن تي ٻوڏ اچڻ جي اطلاع کانپوءِ اسٽيشن کي بحال ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ڪئناڊا ۾ شاگردن جو سرڪاري قرضن تي وياج معاف ٿي ويو

Read Next

هندو ڌرم کي فريب قرار ڏيڻ واري سياستدان جي زبان ڪاٽڻ تي 10 لک رپيا انعام

Most Popular