هندو ڌرم کي فريب قرار ڏيڻ واري سياستدان جي زبان ڪاٽڻ تي 10 لک رپيا انعام

ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڪانگريس اڳواڻ سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ سوامي پرساد موريا جي زبان ڪاٽيندڙ کي 10 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا انڊيا ٽوڊا‘ موجب سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ سوامي پرساد موريا پنهنجي هڪ بيان ۾ هندومت کي ڌوڪو قرار ڏيندي ’رام چرتماناس‘ (رامائن تي ٻڌل اواڌي ٻولي جي نظم) تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ سوامي پرساد موريا پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ’هندو ازم هڪ فريب آهي‘ جنهن کانپوءِ تڪرار پيدا ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب موريا اهو بيان ايڪس تي جاري ڪيو هو، ان بيان ۾ هن ’برهمڻ ازم‘ کي سماج ۾ تعصب جو بنيادي سبب قرار ڏنو هو.

Read Previous

نيو يارڪ جي ٽائمز اسڪوائر سب وي اسٽيشن اندر پاڻي جو پائپ ڦاٽي پيو

Read Next

آمريڪي صدارتي چونڊون ويجهو ايندي ئي ايڪس تي سياسي اشتهارن جي واپسي

Most Popular