شڪارپور: پوليس پاران گادي نشين ۽ ناري جا بيان قلمبند، جاچ ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر

شڪارپور ؛ شڪارپور جي حاجن شاهه ماڙي درگاهه جي گادي نشين تي ناري جي جنسي طور هراسان ڪرڻ وارو معاملو، پوليس پاران ٻنهي ڌرين جا بيان قلمبند

تفصيل موجب گذريل ٽن ڏينھن کان ميڊيا تي هلندڙ شڪارپور جي حاجن شاهه ماڙي درگاهه جي گادي نشين سيد سرور شاهه ۽ متاثر ناري فرحانا عباسي وارو مامرو سلجھي نه سگھيو آھي

آءِ جي سنڌ راجا رفعت جي حڪم تي ايس ايس پي شڪارپور پاران جوڙيل ٽيم متاثر ناري جو وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو، جنھن ذريعي پوليس متاثر ناري کي ذھني مريض قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي

رابطو ڪرڻ تي شڪارپور پوليس ٻڌايو ته مسئلي جو آءِ جو سنڌ نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي، گادي نشين سيد سرور شاهه ۽ الزام ھڻندڙ ڌرين کي گھرائي موقف ورتو، ڪجھه شيون رھيل آھن، اهي اڄ تائين فائنل ڪري ميڊيا سان شيئر ڪنداسين

Read Previous

اسد شاهه کي لاڪ اپ ۾ مهمانن جيان رکيو ويو آهي، ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي: وڪيل صفدر ڪناسرو

Read Next

راڻيپور جي حويلي مان گم ڄاڻايل ناري ثناءَ گراماڻي واري واقعي جو ڪيس داخل

Most Popular