اسد شاهه کي لاڪ اپ ۾ مهمانن جيان رکيو ويو آهي، ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي: وڪيل صفدر ڪناسرو

خيرپور ؛ معصوم فاطمه ڦرڙو ڪيس جي وڪيل صفدر ڪناسرو چيو آهي ته فاطمه قتل ڪيس ۾ پوليس جي بدنيتي ظاهر ٿي رهي آهي، موبائل فون جو پن ڪوڊ ڪو وڏو اشو نه آهي، پوليس جي جاچ مان مطمئن نه آهيون

وڪيل صفدر ڪناسرو موجب جوابدار اسد شاهه کي لاڪ اپ ۾ مهمانن جيان رکيو ويو آهي، ٽائيم ضايع ڪري ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي

وڪيل موجب عدالت ۾ اهو سوال به اٿيو ته هي ڪيس دهشتگردي جي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه ؟، جج صاحب چيو ته هي ڪيس عدالت ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪو آهي ۽ عدالت هن ڪيس کي قبول ڪري چڪي آهي

وڪيل موجب پوليس ناڪام ٿي وئي، هن وقت تائين جوابدار کان ڪابه ڄاڻ ۽ موبائل فون جو پن ڪوڊ حاصل ناهي ڪري سگهي

Read Previous

آمريڪي صدارتي چونڊون ويجهو ايندي ئي ايڪس تي سياسي اشتهارن جي واپسي

Read Next

شڪارپور: پوليس پاران گادي نشين ۽ ناري جا بيان قلمبند، جاچ ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر

Most Popular