ڪشمور: ڪشمور ضلعي ۾ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ۽ مظاهرا ڪيا ويا
ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، بخشاپور، غوثپور سميت مختلف شهرن ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي شٽربند هڙتال سبب ڪاروبار بند رکيو ويو آهي
هندو برادري، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪشمور ضلعي ۾ بدامني تي ضابطو آڻن ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، معصوم ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن
هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر ڪمار ،مکي جگديش ڪمار ،نينگر جئديپ ڪمار ۽ ٻين کي بازياب ڪرايو وڃي