روس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلامي بئنڪنگ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب روس ۾ اسلامي بئنڪنگ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي.
عرب ميڊيا ٻڌايو آهي ته پائلٽ پروگرام تحت روس ۾ اسلامي بينڪنگ جو مدو في الحال 2 سال هوندو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته روس ۾ اسلامي بينڪنگ متعارف ڪرائڻ جي باضابطه طور تي قانون سازي جي منظوري ڏني وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 4 آگسٽ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ قانون تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ اسلامي بينڪنگ جي فزيبلٽي جو جائزو به شامل هو.