انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آگسٽ لاءِ پليئر آف دي مٿ لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ آل رائونڊر شاداب خان کي آگسٽ جي مهيني جي بهترين رانديگر جي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
ٻنهي رانديگرن کي افغانستان خلاف سيريز ۽ ايشيا ڪپ جي نيپال خلاف ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي نامزد ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي ويسٽ انڊيز جي نڪولس پورون کي به مهيني جو بهترين رانديگر قرار ڏنو آهي.
مداحن جي ووٽن ۽ ووٽنگ اڪيڊمي جي راءِ جي بنياد تي مھيني جو بهترين رانديگر چونڊيو ويندو.