ڀارت ۾ جي 20 سربراهه اجلاس، عالمي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري

ڀارت ۾ جي 20 سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عالمي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

اٽلي جو وزيراعظم ۽ ارجنٽائن جو صدر نئين دهلي پهچي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اجلاس ۾ غريب ملڪن جي قرضن ۾ رعايت، موسمياتي تبديلين خلاف قدمن ۽ فوڊ سيڪيورٽي وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو.

رپورٽن مطابق ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي 15 کان وڌيڪ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.

واضح رهي ته ڀارت ۾ 2 ڏينهن وارو جي 20 سربراهه اجلاس سڀاڻي کان نئين دهلي ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

Read Previous

شهزادي هيري پاران راڻي ايلزبيٿ کي سندس پهرين ورسي تي ڀيٽا پيش

Read Next

دبئي ۾ هيلي ڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪري تباهه، عملي جي ڳولا جاري

Most Popular