دبئي ۾ هيلي ڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪري تباهه، عملي جي ڳولا جاري

دبئي ۾ هيلي ڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جهاز ۾ سوار پائليٽن جي ڳولا جاري آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب هيلي ڪاپٽر ۾ 2 پائليٽ سوار هئا جن جو تعلق مصر ۽ ڏکڻ آفريڪا سان آهي.

رپورٽن مطابق هيلي ڪاپٽر المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏام ڪيو هو جنهن بعد حادثي جو شڪار ٿي ويو.

عرب ميڊيا موجب اختيارين کي خميس جي رات 8:30 تي حادثي جي اطلاع ملي، پائلٽ رات جو تربيتي اڏام تي هئا.

پرڏيهي ميڊيا موجب سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن هيلي ڪاپٽر جا ملبہ ڪڍيا آهن.

Read Previous

ڀارت ۾ جي 20 سربراهه اجلاس، عالمي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري

Read Next

اداڪاره فرح نديم سڄي زندگي ڪهڙو ڏک ستائيندو رهندو؟

Most Popular