بجلي چورن خلاف آپريشن جاري، بهاوالپور ۾ 29 هزار 767 ڪينڪشن ڪاٽا

سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن جي خلاف آپريشن جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، بهاوالپور ريجن ۾ 29 هزار 767 ڊيفالٽرن جا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويا آهن.

خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به 400 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويا جڏهن ته 200 ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن آئيسڪو طرفان اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ چڪوال ۾ بجلي چورن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ملتان، ڊيره غازي خان، وهاڙي، مظفر ڳڙهه ۽ رحيم يار خان سميت ڏاکڻي پنجاب جي 13 ضلعن ۾ 319 بجلي چورن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

صادق آباد ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي ممتاز علي چانگ جي فارم هائوس تي بجلي چوري پڪڙي وئي، جڏهن ته سکر جي مختلف علائقن ۾ 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويا آهن.

ان کان علاوه بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف به ايڪشن ورتو ويو آهي. خراب شهرت رکندڙ 248 آفيسرن کي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن اماڻيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي آفيسرن جي خلاف ڪيس داخل ڪري 21 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ڄامشورو: تعليمي سال 2023 ۽ 2024 ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

Read Next

عوام جي لاءِ ٻيهر پيٽرول بم تيار، 15 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

Most Popular