ڄامشورو: تعليمي سال 2023 ۽ 2024 ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي سال 2023 ۽ 2024ع ۾داخلا لاءِ اڄ پري انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي، پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل پاران سنڌ صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾داخلا لاءِ سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي نگراني ۾ ورتي ويندڙ پري انٽري ٽيسٽ لاءِ پوري صوبي ۾5 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۽ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو شامل آهن، جتي لاڳاپيل ڊويزنن ۽ ضلعن جا اميدوار پهچي پري انٽري ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ميڊيڪل جي تعليم لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن ۾ اڪثريت شاگردياڻين جي آهي. ورتي ويندڙ ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي لاڳاپيل سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽيون ۽ ڪاليج پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل سيٽن تحت ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، فزيو ٿراپي، بايو ميڊيڪل، نرسنگ ۾ داخلا ڏيڻ جا پابند هوندا.

صوبي ۾ قائم ڪيل سينٽرن ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، شهيد بينظر ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج نگراني ڪندا.

هوڏانهن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ان جي ماتحت بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي مجموعي طور تي 550 سيٽن لاءِ حيدرآباد، ميرپور خاص ڊويزنن جي 12 ضلعن ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي سانگهڙ ضلعي مان ساڍا 13 هزار اميدوار شريڪ ٿيا آهن، ڄامشورو واري سينٽر تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پنهنجي آفيسرن سان گڏجي دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.

Read Previous

ڊالر جي اسمگلنگ خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جاري، ڪيترائي گرفتار

Read Next

بجلي چورن خلاف آپريشن جاري، بهاوالپور ۾ 29 هزار 767 ڪينڪشن ڪاٽا

Most Popular