پرتگال ۾ ڪار ۾ سوار 10 مهينن جي ٻارڙي پيءُ جي لاپرواهي سبب فوت

پرتگال ۾ ڪار ۾ سوار 10 مهينن جي ٻارڙي پيءُ جي لاپرواهي سبب فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب پيءُ ڇوڪري کي ڪار ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ان وقت گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ هو.

پرتگالي اخبار موجب پيءُ يونيورسٽي جو ليڪچرار آهي ۽ 12 سيپٽمبر جي صبح جو هو پنهنجي ڌيءَ کي نرسري ۾ ڇڏڻ وساري ويٺو ۽ سڌو پنهنجي نوڪري تي ويو.

اخبار موجب 7 ڪلاڪن کانپوءِ واپسي تي پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪار جي پٺئين سيٽ تي بي هوش ڏسي حيران ٿي ويو ۽ فوري طور تي کيس کڻڻ ۽ بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

Read Previous

بنگلاديش ۾ سوين دڪان سڙي ويا

Read Next

ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن: شاهه رخ جو 11 سالن جي مداح جي پينٽنگ تي رد عمل

Most Popular