لاهور هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي توهين جوڳي مواد جي اشاعت جي ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي کي 16 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي توهين جوڳي مواد جي اشاعت بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شجاعت علي خان ڪئي. عدالت نگران وزيراعظم کي 16 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي نگران پنجاب جي وڏي وزير کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته 8 مهينن کان وفاقي حڪومت جي رپورٽ سامهون نه آئي آهي.
وفاق جي وڪيل چيو ته اسان رپورٽون جمع ڪرائي ڇڏيون ٿا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان هتي سير تفريح ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، رپورٽ ڇو جمع نه ٿي آهي؟ هي ڪيس نه اوهان جو آهي نه عدالت جو، هي ڪيس سڀني جو آهي.
جسٽس شجاعت علي خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي گهرائي ٿا وٺون، نگران وزيراعظم پاڻ اچي جواب ڏئي ڇڏي، لڳي ٿو نگران وزيراعظم جي سامهون معاملو رکيو ئي نه ويو آهي.
وفاق جي وڪيل طرفان وڌيڪ مهلت جي استدعا تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان سنجيده هجو ها ته اسان وٽ ڪابه رپورٽ لازمي جمع ڪرايو ها، نگران وزيراعظم پيش ٿي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.