بلوچ شاگردن جي بازيابي جو ڪيس: نگران وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: (اربع: 28 فيبروري 2024ع) بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي چيو ته جبري گمشدگي جي معاملي تي پوري  رياست کي جوابدار قرار ڏيڻ صحيح عمل نه آهي.

ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني نگران وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا اوهان رڪارڊ ڏٺو آهي ته اڄ 26هين ٻڌڻي آهي. اسان صرف بلوچ شاگردن جي حد تائين ڪيس ڏسي رهيا آهيون. ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ٽي ٽي پي جو حصو بڻجي چڪا آهن. ڪيس هلڻ کان پوءِ ڪجهه شاگرد گهر اچي ويا آهن، ڪجهه کي ٽريس ڪيو پيو وڃي.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته ادارا قانون کان مٿانهان نه آهن. اوهان عدالت ۾ پيش ٿي ثابت ڪيو ته اوهان به قانون آڏو جوابده آهيون. جبري گمشدگي بلڪل هڪ مختلف معاملو آهي. رياستي ادارن کي خبر آهي ته ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي.

نگران وزيراعظم چيو ته اسان آئين جي اندر رهي ڪم ڪري رهيا آهيون.  مان قانون موجب جوابده آهيان، اوهان اسان کي گهرايو ته اسان اچي ويا آهيون، مان بلوچستان سان تعلق رکان ٿو ۽ اسان بلوچستان ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم ٻڌايو ته بلوچستان جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس کي مغرب جي نماز وقت هٿياربندن شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان چيف جسٽس صاحب هڪ ڪيس جي انڪوائري  به ڪئي هئي. جبري گمشدگي جي معاملي تي سموري رياست کي جوابدار ٺاهڻ صحيح نه آهي.

عدالت ۾ نگران وزيراعظم چيو ته روڊ ڪناري تي ماڻهن کي ماريو ويو. پر مجال آهي جو ڪنهن کي انساني حق ياد آيا هجن. بسن مان لاهي ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو. چوڌري نالي  جي ماڻهو کي گولي هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو. گجر نالي واري ماڻهو کي به گولي هنئي وڃي ٿي. دهشتگردن جي هٿان 90 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. مون کي ڪنهن چيو ته اوهان بلوچستان ڪيئن ويندا. بلوچستان ۾ نسلي پروفائلنگ ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو. نان اسٽيڪ ايڪٽرز ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ان تي ڇو نٿو ڳالهايو وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته بنا ڪنهن شڪ جي اها  هڪ جنگ آهي جيڪا اسان جا فوجي ادارا وڙهي رهيا آهن. قانون هڪ آهي سڀني جا حق آهن. نگران وزيراعظم چيو ته 20 سالن کان  جنگ هلي رهي آهي.  هاڻ اها جنگ پارليامينٽ ۾ به ايندي پارليامينٽ جا ميمبر به ڏسندا. روزاني جي الزامن مان رياست کي ڪڍڻ گهرجي. اسان ان لاءِ هٿيار نه کنيا آهن. رياست اسان جي حقن جي گارنٽي ڏني آهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته هن ڪيس جي ڪري ڪيترائي ماڻهو گم آهن، ڪجهه ٽريس ٿيا آهن. اوهان جي درخواست تي ڪارروائي ٿي. سڀني پنهنجو ڪم ڪيو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جيڪي ماڻهو سي ٽي ڊي وٽ گرفتار آهن انهن جا ڪيس هلي رهيا آهن. فيصلو ڏيڻ ڪو مسئلو نه هو. اهم ڳالهه اها آهي ته ماڻهو واپس آيا،   بازياب ٿيڻ کان پوءِ ڪوبه ماڻهو عدالت ۾ نه آيو. اسان کي هميشه اها گلا رهي آهي ته گم ٿي ويل بازياب ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ ڇو نه آيا؟ هن عدالتن ڪيترن ئي دهشتگردن کي سزائون به ڏنيون آهن.

جج محسن اختر ڪياني اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته عدالت جيڪا ڪميٽي جوڙي آهي ان جي رپورٽ جمع ڪرايو. جنهن کان پوءِ بلوچ شاگردن جي بازيابي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. آئنده ٻڌڻي جي تاريخ بعد ۾ ڏني ويندي.

Read Previous

قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس جون تياريون مڪمل، 29 فيبروري تي نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا

Read Next

ڪراچي ۾ تيز رفتار ڪار فُٽ پاٿ تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت

Most Popular