ڪراچي ۾ تيز رفتار ڪار فُٽ پاٿ تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي: (رپورٽر) ڪراچي ۾ تيز رفتار ڪار فُٽ پاٿ تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڀائرن سميت 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ناگن پل ڀرسان تيز رفتار ڪار فُٽ پاٿ تي سُتل  ماڻهن مٿان چڙهي وئي، پوليس موجب حادثي ۾ 9 ورهين جو اشوڪ سندس ڀاءُ بليرام ۽ شيري فوت ٿي ويا. جڏهن ته لالي ۽ سيتا رام باگڙي زخمي ٿي پيا.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪار جو ڊرائيور نشي ۾ هو، واقعي کان پوءِ ٻه ڄڻا ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا. فوت ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش اوڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ پير عامر غوث پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. وارثن جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اسان غريب آهيون انصاف ڪيو وڃي.

حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻڌايو ته اسان 6 ڀائر آهيون ڏينهن جي وقت ٺيلهي تي فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا آهيون. واقعي وقت سمورا ڀائر فُٽ پاٿ تي ستل هئا.

Read Previous

بلوچ شاگردن جي بازيابي جو ڪيس: نگران وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

Read Next

ڊي ايڇ او حيدرآباد ۽ ايم ايس ڪوهسار اسپتال جي لاپرواهي: 2 ٻارڙا ارڙي سبب فوت

Most Popular