اسلام آباد: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ مريم مريم نواز ۽ آصفه ڀٽو جي قومي اسيمبلي جي گيلري ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن دوان ٻنهي جي گلي ملڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري جي موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ آصف علي زرداري جي ڌيءَ آصف ڀٽو به گيلري ۾ موجود نظر آئي، ان موقعي تي آصفه ڀٽو نعريبازي به ڪئي.
ان دوران آصفه ڀٽو مريم نواز سان هٿ ملايو ۽ گلي به ملي. مريم نواز طرفان آصفه ڀٽو جي طبيعت پڇا ڪئي وئي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ اسحاق ڊار به موجود هئا.