شير افضل مروت ۽ علي خان قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عمران خان جا ماسڪ لڳائي پهچي ويا

اسلام آباد: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ علي محمد خان ۽ شير افضل مروت عمران خان جا ماسڪ لڳائي قومي  اسيمبلي پهچي ويا.

قومي اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن علي محمد خان ۽ شير افضل خان پي ٽي آءِ باني عمران خان جا ماسڪ لڳائي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو.

پي ٽي آءِ سان جڙيل آزاد ميمبرن پي ٽي آءِ جا جهنڊا کڻي ايوان ۾ آيا ۽ نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن اسپيڪر جي سيٽ تي بيهي عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.  جڏهن ته نون  چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن حلف کنيو.

Read Previous

قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

Read Next

قومي اسيمبلي جي گيلري ۾ مريم نواز ۽ آصفه ڀٽو جي ملاقات

Most Popular