پشاور: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) سني اتحاد ڪائونسل جو نامزد اميدوار بابر سليم سواتي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.
خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اڄ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿئي. ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام(ف) اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
جي يو آءِ(ف) جو ڪوبه نئون چونڊيل ميمبر خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ حاضر نه ٿيو. جي يو آءِ اڳواڻ ايوان ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي چونڊ کان به لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد اميدوار بابر سليم 89 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته اپوزيشن جو عرفان الله خان صرف 17 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
ٻئي طرف گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي حلف برداري ۾ بدانتظامي تي انتظاميه طرفان نوٽيس ورتو ويو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ تي مهمانن جي داخلا تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.
انتظاميه موجب اڄ اجلاس ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن يا مهمانن کي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي سيشن جي لاءِ مهمانن جا سمورا ڪارڊ به ملتوي ڪيا ويا هئا.
ياد رهي ته بابر سليم سواتي ايبٽ آباد پي ڪي 53 تان 35 هزار 213 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو. اهو پاڪستان تحريڪ انصاف جو آزاد اميدوار هو جنهن کان پوءِ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيو. اسپيڪر خيبرپختونخواهه چونڊجڻ کان پوءِ مشتاق غني بابر سليم سواتي کان عهدي جو حلف ورتو.