اڄ کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ اڄ کان هڪ رپين کان 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.

ان جو سبب عالمي اگهن، امپورٽ پريميئم ۽ ايڪسچينج ريٽ ۾ معمولي ايڊجسٽمينٽ آهي.

حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 869 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو بجيٽ هدف مقرر ڪيو آهي.

ناڻي جي شرح جنوري ۾ 27.5 سيڪڙو رڪارد ڪئي وئي هئي.

پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان وچولي طبقي تي اثر پوندو ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه وڌي ويندا.

Read Previous

سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار بابر سليم سواتي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو

Read Next

پي ايس ايل نوَ: تماشائين صفائي جو خيال نه رکيو، ميئر ڪراچي حرڪت ۾ اچي ويو

Most Popular