پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 45 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو سميت مختلف شهرن ۾ قرآن خواني جون تقريبون رٿيل
پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت رمضان مبارڪ جي مهيني سبب ورسي جي موقعي تي رٿيل جلسو ملتوي ڪيو آهي، شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ جو جلسو 14 اپريل تي ٿيندو
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ قوم جڏهن پنهنجي عظيم ليڊر جو يوم شهادت ملهائي رهي آهي ته ڏک ڀريو اهو اطمينان به آهي ته ملڪ جو انصاف وارو نظام آخرڪار ڀٽو جي شهادت ۾ پنهنجي شريڪ ڪردار جو اعتراف ڪري چڪو آهي
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدليه پاران شهيد ڀٽو کي معصوم قرار ڏيڻ پارٽيءَ جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي
وزيراعظم شهباز شريف پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 45 هين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري روايتن جي واڌاري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اهم ڪردار ادا ڪيو
وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪاوشن جي ڪري پاڪستان کي 1973 جو آئين مليو، جنهن تي سمورين سياسي جماعتن اتفاق ڪيو
شهبا شريف چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي هاڻوڪي فيصلي ۾ ذوالفقار ڀٽو جي سياسي جاکوڙ واري حقيقت تي مهر هنئي آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري روايتن جي واڌاري لاءِ سندن خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو