عمران خان ۽ شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ آجو قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ آجو قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل ماجسٽريٽ ملڪ عمران درخواستن تي ٻڌڻي هلائيندي فيصلو محفوظ ڪيو، محفوظ ڪيل فيصلو 6 جون تي ٻڌايو ويندو

اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ باني عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻين خلاف لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس آءِ نائين ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو

Read Previous

شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي اڄ 45 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڀيٽا پيش

Read Next

سپريم ڪورٽ ججز جي مقرري ۾ ڪي پي ڪي سان متڀيدي سلوڪ ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کي خط

Most Popular