سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (جمعو: 17 مئي 2024ع) سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 5 جون تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جي ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سينيٽر فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته منهنجي خلاف ان کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر مون نظر انداز ڪيو، منهنجي نظر انداز ڪرڻ جو فائدو وٺندي هنن سوچيو ته اسان به تقرير ڪري وٺون، پر ڇا توهان ادارن جي عزت گهٽائڻ شروع ڪندئو؟ ڪنهن برو ڪيو آهي ته نالو وٺي مون کي ٻڌايو.

ڪنهن اداري کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اهڙين ڳالهين سان ڇا توهان عدليه جو وقار گهٽائڻ چاهيو ٿا؟ جنهن وٽ دليل هوندا اهو اسان ججن کي به چپ ڪرائي ڇڏيندو، مون پنهنجي ذات لاءِ نه پر اداري لاءِ حلف کنيو آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته فيصل واوڊا کانپوءِ هڪ ٻيو صاحب اچي ويو جنهن جو نالو مصطفيٰ ڪمال آهي، هن ڀٽو جو ذڪر ڪيو، جيڪڏهن اسان غلط ڪيو آهي ته ڀٽو جي باري ۾ توهان ڇا ڪيو آهي؟ ذوالفقار علي ڀٽو کي اسان جيئرو ته نه ٿا ڪري سگهون پر غلطي ته مڃي آهي، عدالت ٻڌڻي 5 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

مريم نواز ايليٽ فورس جي وردي پائي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ شرڪت

Most Popular