پير شاهدن کي بيان تبديل ڪرڻ لاءِ حراسان پيا ڪن: فاطمه جو والد

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار حنا شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي، خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران  فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار حنا شاهه  جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي، عدالت جي جج پوليس کان فاطمه ڦرڙو  جي فوتگي وارا سي سي ٽي وي  فوٽيج گهري ورتا

نينگري فاطمه ڦرڙو جو والد نديم ۽ امڙ  شبنم ڦرڙو به عدالت ۾ پيش ٿيا، فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو الزام هڻندي چيو ته پير شاهدن کي بيان تبديل ڪرڻ لاءِ حراسان  پيا ڪن، نينگرين کي اغوا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي پئي وڃي

 نديم ڦرڙو چيو ته  اسد شاهه جي امڙ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته  پير فياض شاهه ٻارڙيون اغوا ڪرائيندو آهي ۽  انهن سان زنا ڪئي ويندي آهي

هن چيو ته فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي بعد رپورٽ مان  واضح ٿيو ته اسان جي معصوم نياڻي سان  زنا ڪئي وئي هئي،  هاءِ ڪورٽ ٽن مهينن ۾ ڪيس اڪلائڻ جو  حڪم جاري ڪيو پر هڪ سال گذري  چڪو آهي، ٻڌڻيون جاري آهن

فاطمه جي والد جو چوڻ هو ته  هر هفتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي،  اسين مسڪين آهيون حاضرين تي نٿا  اچي سگهون، فاطمه ڦرڙو جي فوتگي وارن سي سي  ٽي وي فوٽيج ۾ هڪ نينگري آهي  جيڪا مسلسل غائب آهي،  خبر ناهي ته ان نينگري کي گم ڪيو ويو  آهي يا قتل ڪيو ويو آهي

نديم ڦرڙو چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر ايندڙ  نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي  ۽ سندس بيان ورتو وڃي، واقعي کي سال گذري چڪو پر پوليس اسد  شاهه جي موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ جو پن  ڪوڊ هٿ نه ڪري سگهي آهي

هن چيو ته موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ جو ڪوڊ هٿ نه  ڪرڻ مان پوليس جي بدنيتي ظاهر  ٿي رهي آهي،  پيرن نياڻي فاطمه ڦرڙو کي قتل وقت پهريل  ڪپڙا لڪائي ڇڏيا آهن

پيرن کي خوف آهي ته ڪپڙن جي  ڊي اين اي ٿيندي ته اصل حقيقتون  سامهون اچي وينديون، پير فضل شاهه فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس تي اثرانداز ٿي رهيو آهي

وڪيل صفدر ڪناسرو چيو ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 29 جون  تي ٿيندي، عدالت جو جج تبديل ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي،  عدالت جي جج فاطمه ڦرڙو جا فوتگي وارا فوٽيج  گهري ورتا آهن، هو پاڻ ڏسڻ چاهي ٿو ۽  مشاهدو ڪرڻ چاهي ٿو

Read Previous

ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

Read Next

پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طوراليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو: چيف جسٽس

Most Popular