ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. زبون حال گهرن جون ڇتون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
برسات سبب برساتي نالن ۾ چاڙهه سبب فصل تباهه ۽ سوين گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ميانوالي ۾ برسات سبب برساتي نالن ۾ چاڙهه سبب فصلن کي سخت نقصان پهتو. جڏهن ته روجهان ۾ ڪوهه سلمان مان نڪرندڙ زنگي ۽ سوري نالن ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ وهڪرا ويجهن ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويا جنهن سبب 100 کان وڌيڪ گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا، علائقي جي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ جي تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا. برساتن سبب ڪنڊيال ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه ۽ چشمه بيراج جي هنڌ تي وچولي ٻوڏ برقرار آهي.
سنڌ جي شهرن ڄامشورو، خيرپورناٿن شاهه، نوري، ٿاڻوبولاخان، اوسته محمد ۾ رڪارڊ برسات پئي، ڄامشورو ۾ برسات سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتون ڪرڻ سبب عورتن سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
نوشهروفيروز ۾ ڇتون ڪرڻ جي 3 واقعن ۾ هڪ ٻارڙي فوت جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جيڪب آباد ۾ ڳوٺ شاهه دوست ۾ برسات سبب گهرن جي ڇت ڪري پئي، ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا ملبي هيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي ويا.
دادو ۾ تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي، ڪاڇو جي سوين ڳوٺن جو دادو ۽ جوهي شهر سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ضلعي ڪرڪ ۾ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا برساتي نالن ۾ ٻڏي ويا، 3 جا لاش ڪڍيا ويا، بابل خيل برساتي نالي کي پار ڪرڻ دوران نانو ۽ ڏوهٽو ٻڏي ويا، لواغرانگڊه ۾ برساتي نالي ۾ ٻڏي ويل 26 ورهين جي شهزاد جي لاش ڪڍي وئي. ٽانڪ ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 عورتون فوت جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.