عورت اسڪرٽ ۾ هجي يا برقعي ۾، جتي به هجي جيڪا به هجي ان جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي : ماهرا خان

ڪراچي : پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته ڪا به عورت ڪٿي به هجي، ان جي حفاظت جو مطالبو ڪيون ٿا.اهڙن خيالن جو اظهار ماهرا خان فوٽوز اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران موٽر وي واقعي خلاف احتجاج جون تصويرون جاري ڪندي ڪيو.

پنهنجي پيغام ۾ ماهرا خان لکيو ته اسان سڀني عورتن لاءِ محفوظ قوم جو مطالبو ڪيون ٿيون،ڪا به عورت گهر ۾ هجي يا روڊ تي يا پنهنجي ڪم تي، اڪيلي هجي يا ڪنهن سان گڏ، ٻارن سان هجي يا ٻارن بنا، اسڪرٽ ۾ هجي يا برقعي ۾، جتي به هجي جيڪا به هجي ان جي حفاظت جي بنيادي حقن جو مطالبو ڪيون ٿهن شوبز انڊسٽري جي ستارن کي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته متحد ٿي اسان وڌيڪ مضبوط آهيون، اسان جو آواز وڌيڪ پرزور ۽ اثرائتو آهيا

Read Previous

اليڪشن ڪميشن جو وفاقي حڪومت کي آدم شماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪرڻ جو حڪم

Read Next

ڪراچي پيڪيج جي استعمال ۽ نگراني لاءِ ڏهه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular