ملائڪه اروڙا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي وئي

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ملائڪه اروڙا جي ٻن هفتن کان پوءِ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ هو قرنطينه مان نڪري پنهنجي گهر وارن سان ملاقاتون شروع ڪري ڏنيون آهن. ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي اداڪاره سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن جي نالي هڪ پيغام ۾ خوشخبري ٻڌائي ته هو مڪمل طور تي صحتياب آهي ۽ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪمري کان ٻاهر جي دنيا ۾ واپس اچي وئي آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته موذي وائرس کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي خوشقسمت سمجهي رهي آهيان ۽ مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ معالجين، گهر ڀاتين ۽ مداحن جي ٿورائتي آهيان. واضح رهي ته ملائڪه اروڙا 7 سيپٽمبر تي سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي پرستارن کي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جي خبر ڏني هئي پر هاڻ هن اهو به چيو آهي ته هاڻ مان پنهنجو پاڻ کي تندرست محسوس ڪري رهي آهيان. هاڻ تندرستي جي اطلاع ڏيندي هن پنهنجي مداحن کي هڪ ڀيرو ٻيهر احتياط جي تاڪيد ڪئي آهي.

Read Previous

بلاول ڀٽو اڄ پنهنجي ماما جي روايت کي برقرار رکندي اڄ حڪومت خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو:سهيل سيال

Read Next

ڪراچي: شير شاهه ۾ گودام جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا دٻجي فوت

Most Popular