بلاول ڀٽو اڄ پنهنجي ماما جي روايت کي برقرار رکندي اڄ حڪومت خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو:سهيل سيال

سيوھڻ:  اوقاف کاتي جو وزيرسهيل انور سيال  سيوهڻ پهچي درگاه  قلندر تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي دعا گهري .ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ پنهنجي ماما مير مرتضي ڀٽو جي شهادت جي ڏينهن تي سمورين پارٽين کي گڏ ڪري پنهنجي وڏڙن جي   روايت کي برقرار رکي حڪومت خلاف بغاوت جو علم بند ڪيو  مان وفاقي حڪومت کي مڃان ئي نٿو عمران خان منحوس وزير اعظم  آھي  جنهن اچڻ سان ملڪ ۾ وڏيون آفتون۽مصيبتون  آيون آھن  جڏهن منحذوس حاڪم ملڪ تي حڪمران بڻجي ايندو آھي ته عوام ويچاري اذيتون برادش ڪندي آھي تحريڪ انصاف جي حڪمت اڄڻ سان ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آھي کنڊ .اٽو گيھ .چانور .روز مره جون شيون غريب خريد نٿو ڪري سگهي منڇر جي بحالي جي لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون  ايريگيشن کاتي بهتري لاء ڏينهن رات ڪم ڪيان ٿو .هن سال برساتون سب کان وڌيڪ پيون آھيون برساتن ۾ 3 گهاره پيا آھن جيڪي نه پوڻ گهرجن  پوء به اسان ڪوشش ڪري بندن کي مضبوط ڪيو  2010 ۾ آر بي ڊي او کي جڏهن کان وڌيڪ گهارا پيا آھن .هاڻي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت مڪمل ناڪام بڻجي چڪي آھي الله پاڪ عمران  خان مان جان ڇڏائي ته ماڻهون سک جو ساھ کڻن پاڪستان پيپلزپارٽي هر وقت عوام جي خدمت ڪئي آھي نئون پاڪستان نئون پاڪستان ٺاهڻ وارا پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ته ٻڌائين  .نيب منهنجو گهر تي ڇاپو هنيو انهن کي ڪجھ هٿ نه آيو جنهن گهر جي نالي چون ٿا اهو منهنجي ڏاڏا جو مطلب خانداني ملڪيت آھي هاء ڪورٽ ۾ اهي ڪجھ  به ثابت نه ڪري سگهيا آھن  اسلام آباد ۾ سڀني پارٽين جو گڏيل اجلاس حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آھي  وفاقي جي حڪومت جي هوا نڪري وئي آھي ولي الله جون درگاه  مقدس جايون  آھن  اتي درگاهن جو ماحول خراب ڪندڙ خادم جي نشاندهي ڪيو  مان درگاه جي خادم جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد انهن کي سسپنڊ ڪيو آھي ان چيو ته درگاه قلندر تي ڪنٽرول روم ۾ ڪم ڪندڙ آپريٽرن جون ڏهن مهينن جون پگهارون جلد ڪري انهن کي پڪو ڪيو ويندو

Read Previous

ضلعي سانگهڙ ۾ پوليس سرپرستي ۾ سرعام ھلندڙ منشيات خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي ريلي

Read Next

ملائڪه اروڙا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي وئي

Most Popular