نئين دهلي: ڀارتي عدالت بابري مسجد شهيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد سمورن 32 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. لکنو جي خاص عدالت ۾ 28 سالن کان جاري ڪيس ۾ 1992 ۾ شهيد ٿيندڙ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ بي جي پي جي مرڪزي اڳواڻن ايل ڪي آڏواڻي، مرلي منوهر جوشي ۽ اوما ڀارتي سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. خاص عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مسجد کي ڪنهن منصوبه بندي جي تحت شهيد نه ڪيو ويو ۽ نه ئي وري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي خلاف ثبوت ڏنا ويا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ انٽيليجنس رپورٽ ۾ اڳ ئي خبردار ڪيو ويو هو ته 6 ڊسمبر تي غير معمولي حالتون پيش اچي سگهن ٿيون پر هن رپورٽ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. واضح رهي ته 6 ڊسمبر 1992 تي بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ ايودهيا جي انتظاميه ٻه ڪيس داخل ڪيا هئا جنهن ۾ هڪ ڪيس مسجد تي حملو ڪرڻ ۽ ٻيو ان ڪارروائي جي سازش ڪندڙن جي خلاف داخل ڪيو ويو هو. مسجد کي شهيد ڪرڻ جي سازش واري ڪيس ۾ بي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ ايل ڪي آڏواڻي، منوهر جوشي، اوما ڀارتي، سادهوري رتهمبرا ۽ وشو هندو پرشيد جي ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ ايودهيا جا ڪيترائي هندو مذهبي اڳواڻ جوابدارن ۾ شامل هئا. ٽن ڏهاڪن کان جاري رهندڙ هن ڪيس ۾ شروعاتي طور تي 38 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو جن مان 16 جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ 32 جوابدارن جي خلاف ڪارروائي جاري رهي.