علي ظفر خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم واري ڪيس ۾ عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي

لاهور: : گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم هلائڻ واري ڪيس ۾ اداڪاره عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. اداڪار علي ظفر جي درخواست تي اداڪاره ميشا شفيع سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي ۾  فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) جو سائبر ڪرائم سيل هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهيو. ڪيس ۾ نامزد  عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد ميشا شفيع سميت 8 جوابدارن کي ايف آءِ اي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا گهرايو پر جوابدار جاچ ۾ شامل نه ٿيا ان ڪري انهن جي گرفتاري جي لاءِ گهرن تي ڇاپا هنيا ويندا. ايف آءِ اي علي ظفر جي درخواست تي  2 سال جاچ کان پوءِ اداڪاره ميشا شفيع ۽ ان جي دوستن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

Read Previous

بابري مسجد ڪيس ۾ ڀارتي عدالت جو تڪراري فيصلو : ايل ڪي آڏواڻي سميت سمورا جوابدار بري

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ڪپ: ڪمنٽري پينل ۾ وسيم اڪرم، رميز، اظهر علي ۽ ٻيا شامل

Most Popular