سجاول: پوليس ڪارروائي دوران هٿ ڪيل سامان شهرين کي واپسي ڪيو

سجاول(ڊر)سجاول پوليس  جي آئي ٽي ڊپارمينٽ جي انچارج عبدالحفيظ سجاول ضلعي مان چوري/گم ٿيل موبائل فون واپس ڪرائ ڇڏيون.ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپور چوري ٿيل 9 موبائل فون مالڪن کي پنھنجي ھٿ سان موبائل موٽائي ڏنيون.ايس پي سجاول سھائي عزيز چيو  ته سجاول جي شھرين جي جان و مال جي حفاظت ڪرڻ اسان پوليس جو فرض آھي ضلعي جي ماڻھن  جا چوري/گم ٿيل موبائل فون واپس ڪريان پيا وڃن.ھوڏانھن آئي ٽي ڊپارمينٽ جي عبدالحفيظ چيو ته موجودھ ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپور جي مقرري کانپوء 90 کان وڌيڪ موبائل فون واپس موٽايا آھن.جنھن جي ماليت لکين روپيا ٿئي ٿي.اسان جي ڪوشش ھوندي آھي جنھن ماڻھو جا موبائل فون چوري يا گم ٿا ٿين انھن جا موبائل جديد ٽريسنگ جي ذريعي واپس ڪرايون.پنج مھينا کان وڌيڪ اھو ڪم بند ھو تنھن ھوندي به اسان 90 موبائل فون واپس موٽايا آھن.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ڪپ: ڪمنٽري پينل ۾ وسيم اڪرم، رميز، اظهر علي ۽ ٻيا شامل

Read Next

جيڪب آباد : پاڪستان فنڪشنل ليگ پاران پوليس جي حمايت ۾ ريلي

Most Popular