ٽي ٽوئنٽي ڪپ: ڪمنٽري پينل ۾ وسيم اڪرم، رميز، اظهر علي ۽ ٻيا شامل

لاهور: : قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ لاءِ ڪمنٽري پينل ۾ وسيم اڪرم، رميز راجه، اظهر علي، ثناء مير ۽ بازيد خان شامل آهن. قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ لاءِ ڪمنٽري پينل ۾ شامل وسيم اڪرم، رميز راجه، اظهر علي، ثناءَ مير ۽ بازيد خان آهن.  14 ڪيمرن جي مدد سان پي ٽي وي اسپورٽس تي نشر ٿيندڙ ميچن تي تبصرو ڪيو ويندو. انگريزي سان گڏ اردو ۾ به ڪمنٽري ڪئي ويندي. طارق سعيد ۽ سڪندر بخت سان گڏ اڳوڻا رانديگر مرينه اقبال ۽  موجوده فرسٽ ڪلاس جو رانديگر شهزور محمد به ڪمنٽري پينل جو حصو آهن. ان دوران پريزينٽرز زينب عباس ۽ سويرا پاشا پري ۽ پوسٽ ميچ شو ڪندا. رميز راجا ايونٽ جا شروع وارا 2 ڏينهن ڪمنٽري ڪرڻ کان پوءِ سيمي فائنلز ۽ فائنل جي لاءِ ٻيهر راولپنڊي ايندو. وسيم اڪرم 10، 9 ۽ 11 آڪٽوبر تي راولپنڊي جي ميچن ۾ ڪمنٽري ڪندو. بازيد خان ملتان ۾ ايونٽ جي پهرين رائونڊ ۾ موجود هوندو.

Read Previous

علي ظفر خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم واري ڪيس ۾ عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي

Read Next

سجاول: پوليس ڪارروائي دوران هٿ ڪيل سامان شهرين کي واپسي ڪيو

Most Popular