والد : شاھ حبيب الله
ڏاڏو : عبدالقدوس شاھ
پڙڏاڏو : جمال شاھ
تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم
جنم ھنڌ : ھالا حويلي
وڏن جو تعلق : ھرات سان
1- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو ؟
جواب : ڪوٽڙي
2- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ؟
جواب : آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾
3- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو ؟
جواب : عربي ، فارسي ، ھندي ۽ سرائيڪي
4- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو ؟
جواب : قرآن شريف ، مثنوي مولانا روم ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
5- سيد علي شير قانع ٺٽوي ، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي ؟
جواب : تحفة الڪرام
6- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو ؟
جواب : سورنهن سالن کان پوءِ 1768ع ۾
6- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس ؟
جواب : سعيده بي بي ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب)
7- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي ؟
جاب : 20 سال
8- شاھ لطيف ، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم جي ڪھڙي حصي کي جھلي دعا گهري ؟
جواب : آڱر
(جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ ، تنهنکي لهر نڪي لوڏو)
9- شاھ لطيف سڀ کان اول ڪٿان جو سفر ڪيو ؟
جواب : گنجي ٽڪر جو
10- شاھ لطيف سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ 1740ع ۾ ڪٿان جو سفر ڪيو ؟
جواب : هنگلاج جو
11- شاھ لطيف سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ ڪيترا سال سفر ۾ رھيو ؟
جواب : 03 سال
12- شاھ لطيف جا مريد ، بيبي سعيده بيگم کي ڇا سڏيندا ھيا ؟
جواب : تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ)
13- مرزا بيگ پنهنجي ماڻھن سميت دَلَ ذات جي ڌاڙيلن هٿان ڪڏهن مارجي ويو ؟
جواب : 1124 ھ مطابق 1711ع
14- بيبي سعيده بيگم شادي وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي ھئي ؟
جواب : گولو (پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ، جيڪو جلد گذاري ويو)
15- ڪھڙي ڪلھوڙي حاڪم ، شاھ لطيف کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ؟
جواب : ميان نور محمَّد ڪلھوڙو
16- دھليءَ جا ڪھڙا ٻہ مشھور گويا ، شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا ھيا ؟
جواب : اٽل ۽ چنچل
17- شاھ لطيف وفات کان ٿورو اڳ ڪھڙي ڪافي چوندو رهندو ھيو ؟
جواب : ڪھڙي منجھ حساب ؟ ھئڻ منهنجو ھوت ري
18- شاھ لطيف ڪيتري عمر ۾ وفات ڪئي ؟
جواب : 63 سال (نبي سائين ۽ علي سائين جيتري عمر)
19- شاھ لطيف کي سندس وصيت موجب ڪنهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو ؟
جواب : محمود شاھ جي پيرانديءَ ۾
20- ڪلھوڙي حڪمران غلام شاھ ڪلھوڙي پنهنجي خرچ سان لطيف سرڪار جو روضو ڪڏنهن جوڙايو ؟
جواب : 1754ع
21- – شاھ لطيف جو روضو ڪھڙي نامياري رازي جوڙي راس ڪيو ؟
جواب : سکر جي مشھور رازي عيدن
22- ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪھڙي حڪمران شاھ لطيف جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي ؟
جواب : مير نصير خان ٽالپر
23- شاھ لطيف جي روضي جي قبي کي چانديءَ جو دروازو ڪنهن وجهرايو ؟
جواب : مير محمَّد خان ٽالپر
24- شاھ لطيف جي زماني ۾ ڪھڙي ٻاھرين حڪمران سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي ؟
جواب : نادر شاھ
25- ان ھستيءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجي شھادت شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ٿي ؟
جواب : شاھ عنايت شھيد
26- ھڪ روايت موجب شاھ سائين سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇليو ھو بعد ۾ سندس مريدن سمورو ڪلام ڪھڙي سگهڙ زال وٽان ھٿ ڪيو ؟
جواب : مائي نيامت (ملياڻي نعمت)
27- ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي“ اھا ڳالھ سڀ کان پهرين ڪهڙي عالم ثابت ڪئي ؟
جواب : ايڇ ٽي سورلي
28- ”شاھ جو رسالو“ سڀ کان پهريون ڪنهن ڇپرائي پڌرو ڪيو ؟
جواب : ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ
29- شاھ لطيف جي مزار تي خاص طور تي ڪھڙي رات جو راڳ ٿيندو آھي ؟
جواب : جمعي جي رات
30- شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ ڪھڙي راند جو شوقين هيو ؟
جواب : گز ڪمان
31- شاھ لطيف موسيقيءَ جو ڪھڙو ساز پاڻ ايجاد ڪيو ؟
جواب : تنبورو
32- ان ھندو شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سان شاھ لطيف جي گھري دوستي ھئي ؟
جواب : مدن ڀڳت
33- ڪھڙي شاعر کي نج سنڌي راڳ جو باني چيو وڃي ٿو ؟
جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ
34- شاھ لطيف ڪھڙي بزرگ جو مريد ٿيڻ لاءِ سوچيو ھيو ؟
جواب : مخدوم محمَّد زمان لنواري واري جو
35- شاھ لطيف ، محمَّد زمان لنواري واري جو مريد ڇو ٿي نہ سگھيو ؟
جواب : نقشبندي طريقي ۾ راڳ حرام آھي ۽ لطيف سائين راڳ نہ ڇڏيو ۔
36- شاھ لطيف جو ڪھڙي ڍنڍ سان انس ھيو ؟
جواب : ڪراڙ ڍنڍ
37- لطيف سائين جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو مولودن جو وڏو شاعر ۽ ڳائيندڙ ھيو ؟
جواب : مخدوم عبدالرئوف ڀٽي
38- شاھ لطيف جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو ڪافيءَ جو بهترين شاعر ھيو ؟
جواب : ميان صاحب ڏنو فاروقي
39- شاھ لطيف ڪھڙن حاڪمن جي دور کي سونهري دور سڏيو آھي ؟
جواب : سومرا ۽ سما
40- شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ گُجَرِ ڪنهن کي سڏيو آھي ؟
جواب : مومل کي
41- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻين سورمين جو ذڪر آھي ؟
جواب : ست
42- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سورمن جو ذڪر آھي ؟
جواب :
43- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سخي ڏاتارن جو ذڪر آھي ؟
جواب : ڏھ
44- شاھ سائين جي انهيءَ سورميءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجو تعلق عمر ڪوٽ سان ھيو ؟
جواب : مارئي
45- شاھ جي رسالي ”گنج“ جو پراڻو نسخو ڪھڙي سن ۾ لکيو ويو ؟
جواب : 1800ع ۾
46- شاھ لطيف ، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر رامڪلي
47- شاھ لطيف سير و سفر جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر کاھوڙي ۽ سر رامڪلي ۾
48- نانگ بلائن جو گهڻو ذڪر شاھ سائين ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر ڪارايل ۾
49- سنڌي ادب جي انهن عالمن ۽ شاعرن جا نالا ٻڌايو جيڪي شاھ لطيف جي ارد گرد دفن ٿيل آھن ؟
جواب : مير عبدالحسين سانگي ، علامہ عمر بن دائود پوٽو ۽ شيخ اياز
50- ڪئمبرج يونيورسٽي مان شاھ لطيف تي PHD ڪندڙ خاتون جو نالو ٻڌايو ؟
جواب : ڊاڪٽر درشھوار ڌيءَ جي ايم سيد
51- ”لطائف لطيفي“ فارسي زبان ۾ لکيل ڪنهنجو ڪتاب آھي ؟
جواب : مير عبدالحسين سانگي
52- ”لطف اللطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟
جواب : دين محمَّد وفائي
53- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪاڪ جو ذڪر ڪھڙي ڪھاڻيءَ سان منسوب آھي ؟
جواب : مومل راڻو
54- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيچ جو ذڪر ڪھڙي قصي سان منسوب آھي ؟
جواب : سسئي پنهون
55- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ملير جو ذڪر ڪھڙي داستان سان منسوب آھي ؟
جواب : عمر مارئي
56- شاھ سائين جي ڪھڙي فقير جو اولاد سندس درگاه جي مجاوري ڪندو اچي ٿو ؟
جواب : تمر فقير
57- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني مان شاھ جو رسالو 1866ع ۾ شايع ڪرايو ، ان ۾ ڪل ڪيترا سر ڏنل آھن ؟
جواب : 22
58- ڪتاب مقالات الشعراءَ ، جنهن ۾ شاھ سائين جو اوائلي احوال ملي ٿو ، ڪنهنجو لکيل آھي ؟
جواب : مير علي شير قانع ٺٽوي
59- شاھ لطيف جي نالي پٺيان ڪھڙي شھر ۾ يونيورسٽي ٺھيل آھي ؟
جواب : خيرپور
60- شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪٿي واقع آھي ؟
جواب : ڪراچي يونيورسٽي
61- شاھ لطيف ٻہ ڪتا پاليا ھيا ، انهن کي ڪھڙن نالن سان سڏيندا ھئا ؟
جواب : موتي ۽ کينهو
62- شاھ لطيف جو وصال ڪھڙي حالت ۾ ٿيو ؟
جواب : راڳ ٻڌندي
63- شاھ لطيف راڳ جو سچو قدر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر سورٺ
64- ”شاھ عبدالطيف سنڌي سماج جو محافظ آھي ۽ سندس رسالو سنڌي سماج جو عڪس آھي“ ، اھي ڪنهنجا لفظ آھن ؟
جواب : عثمان علي انصاري
65- شاھ جو رسالو ڪھڙي سُرَ کان شروع ٿئي ٿو ؟
جواب : ڪلياڻ
66- سر ڪاموڏ ۾ ڇا جو بيان آھي ؟
جواب : نوري ڄام تماچي
67- سر ليلا چنيسر ۾ ٽيون ڪردار ڪنهنجو آھي ؟
جواب : ڪئنرو
68- ”پيغام لطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟
جواب : جي ايم سيد
69- ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ ڪھڙي سر مان کنيل شعر آھي ؟
جواب : سر سارنگ
70- ڪھڙي سر ۾ مورڙي ميربحر جو ذڪر آھي ؟
جواب : سر گهاتو
71- شاھ جي رسالي ۾ طنز و مزاح وارو ڪلام وڳنڌ فقير بابت بيان ڪھڙي سر ۾ اچي ٿو ؟
جواب : سر بلاول
72- ”شاھ جون سورميون“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟
جواب : نارائڻ داس ڀمڀاڻي
73- موکي ۽ متارن جو قصو ڪھڙي سر ۾ آھي ؟
جواب : سر يمن ڪلياڻ
74- ڪونج ۽ ماروي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟
جواب : سر ڏھر
75- شاھ جي رسالي ۾ گهڻن بيتن وارو ڪھڙو سر آھي ؟
جواب : سر حسيني
76- شاھ سائين سج ، چنڊ ، تارن ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر کنڀات
77- شاھ لطيف جي مجازي عشق ۾ ڪھڙو سر ڀائنجي ٿو ؟
جواب : سر کنڀات
78- سر ڪلياڻ جو مکيہ موضوع ڇا آھي ؟
جواب : وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود
79- ارنيسٽ ھيمنگوي جي مشھور ناول ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ جي ھيرو سانتياگو جو ڪردار کي شاھ جي ڪھڙي سورمي سان ڀيٽيو ويندو آھي ؟
جواب : پنهون
80- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر شاھ صاحب ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر گهاتو
81- سر رپ کي ٻي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو آھي ؟
جواب : سر کيپ
82- شاھ لطيف جي ڪھڙي سر کي سر ماتمي سڏيو ويندو آھي ؟
جواب : سر ڪيڏارو
83- ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ ڇا آھي ؟
جواب : سک ، خير
84- ڪلياڻ ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي ؟
جواب سنسڪرت
85- شاھ لطيف سر ڪلياڻ ۾ ڪامل مرشد کي ڇا سڏيو آھي ؟
جواب: ”مھيسر“
86- شاھ سائين جي رسالي جو ڊگھي ۾ ڊگھو بيت ڪھڙي سر ۾ آھي ؟
جواب : سر سارنگ
87- ڀٽ تي رکيل قديم نسخي ”گنج“ جو پهريون سر ڪھڙو آھي ؟
جواب : سر سسئي
88- عالمن جي خيال موجب سر کنڀات شاھ سائين ڪھڙي عمر ۾ چيو هوندو ؟
جواب : جوانيءَ ۾
89- سھڻي ڪهڙي شيءِ تي چڙھي ميهار سان ملڻ ويندي ھئي ؟
جواب : گهڙي تي
90- سر معذوريءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟
جواب : سسئي پنهون
91- سر ديسي ۾ ڪھڙو لوڪ قصو ڳايو ويو آھي ؟
جواب : سسئي پنهون
92- شاھ لطيف لوڪ قصي سسئي پنهون کي گهڻن سرن ۾ ڳايو آھي ؟
جواب : 5
? سر سسئي آبري
? سر معذوري
? سر ديسي
? سر ڪوهياري
? سر حسيني
93- سر کاھوڙيءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟
جواب : سيلاني فقيرن ۽ جوڳين جو
94- لطيف سائين ڄام جکري جي سخاوت ۽ بهادريءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر بلاول
95- شاھ سائين پنهنجي ڪھڙي سر ۾ نبي اڪرم صہ جي حسن و اخلاق جو ذڪر ڪيو آھي ؟
جواب : سر کنڀات
96- ”سنڌ جو حافظ“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو ؟
جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ
97- شاھ لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ ڪھڙي پرڏيهي شاعر جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس ؟
جواب : رومي
98- شاھ لطيف سر سھڻيءَ ۾ هڪ پارسي مصرع ، سنڌ جي ڪھڙي درويش شاعر جي کنئي آھي ؟
جواب : صوفي شاھ عنايت شھيد
99- شاھ لطيف پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ نهايت مختصر پارسي پنهنجي ڪھڙي سر ۾ چئي آھي ؟
جواب : سر يمن ڪلياڻ
100- شاھ لطيف چرخي چورڻ جو پرچار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر ڪاپائتي
101- شاھ لطيف ساري عالم جي آباديءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ ڪھڙي سر ۾ دعا گهري آھي ؟
جواب : سر سارنگ
102- شاھ لطيف چين ، ترڪي ، روم ، قنڌار ۽ ٻين شھرن ۽ ملڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر سارنگ
103- ”سو نہ ڪنهن شيءِ ۾ جيڪي منجھ تراب“ جيڪي خاڪ (مٽيءَ) ۾ آھي اهو ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ناهي ۔ ڪھڙي سر جو بيت آھي ؟
جواب : سر سھڻي
104- شاھ لطيف خاڪ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر سھڻي
105- سمنڊ جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟
جواب : سر سريراڳ
106- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟
جواب : سر گهاتو
107- شاھ لطيف سر سريراڳ ۾ سمنڊ جو ذڪر ٻيو ڪھڙي نالي سان ڪيو آھي ؟
جواب : ديوانو درياءُ
108- شاھ لطيف لوهيڙي جي وڻ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر سريراڳ
109- شاھ لطيف ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر ڪاموڏ
110- شاھ لطيف سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن ڏانهن اشارا ڪھڙن سرن ۾ ڪيا آھن ؟
جواب : سر کنڀات ۽ سر مومل راڻو
111- شاھ لطيف گلن ڦلن ، ميون ، اَنَ ۽ گاھن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر مارئي
112- شاھ لطيف ، ”ٻاٻيهو“ پکيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر مارئي
113- شاھ جون سورميون ؟
? سسئي ? سھڻي ? مومل ? ليلان ? نوري ? مارئي ? سورٺ
114- شاھ جا سورما ؟
? پنهون ? ميھار ? راڻو ? چنيسر
? ڄام تماچي ? مورڙو ميربحر? ٻيجل
۽ ٻيا
115- شاھ لطيف لسٻيلي جي سخي حاڪم جي واکاڻ ڪھڙي سر ۾ ڪئي آھي ؟
جواب : سر پرڀاتي
116- ڪيڏارو سنسڪرت جي ڪھڙي لفظ جي بگڙيل صورت آھي ؟
جواب : ”ڪيدار“
117- ”ڪيدار“ جي معنيٰ ڇا آھي ؟
جواب : جنگ جو ميدان
118- ميھار کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو ويو آھي ؟
جواب عزت بيگ ۽ ساھڙ
119- شاھ عنايت جي شھادت وقت شاھ لطيف جي عمر ڪيتري ھئي ؟
جواب : 28 سال (ڪٿي 31 سال بہ اچي ٿي)
120- شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جو 276 هون عرس مبارڪ ڪھڙي سال ۾ ملهايو ويو ؟
جواب : 2019
121- ارنيسٽ ٽرمپ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟
جواب : 26
122- تارا چند واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟
جواب : 37
123- ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟
جواب : 22
124- ڊاڪٽر غلام المصطفيٰ قاسمي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟
جواب : 36
125- علامہ آءِ آءِ قاضي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟
جواب : 29
126- علامہ آءِ آءِ قاضي ، شاھ جي رسالي مان ڪھڙو سر ڪڍي ڇڏيو ؟
جواب : سر ڪيڏارو
127- ٻانهي خان شيخ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟
جواب : 31
128- الهداد جهجهي جي گنج ۾ ڪيترا سر آھن ؟
جواب : 36
129- سڀ کان پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪھڙي فنڪار کي مليو ؟
جواب : استاد محمَّد يوسف
130- استاد محمَّد يوسف کي پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪڏهن مليو ؟
جواب : ايڪٽيھ مارچ 1980ع
131- ٻہ مارچ 1941ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان شاھ لطيف جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي ؟
جواب : خالق ڏني ھال ڪراچيءَ ۾
132- شاھ لطيف جو عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنهن قائم ڪئي ؟
جواب سيد ميران محمَّد شاھ
133- شاھ لطيف جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي پهريون ڀيرو عبدالستار پيرزادو عام موڪل جو اعلان ڪيو ؟
جواب : 201 عرس جي موقعي تي
134- شاھ جو رسالو چئن ٻولين ( اردو ، سنڌي ، انگريزي ۽ فارسي) ۾ ڪنهن سهيڙي ڇپرايو ؟
جواب : ڊاڪٽر در شھوار سيد
135- سڀ کان پهريان الف — ب وار شاھ جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو ؟
جواب : ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو
136- قاضي فقير محمَّد قانع واري شاھ جي رسالي ۾ ڪيترا سر ڏنل آھن ؟
جواب : 36
137- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سال 2000ع ۾ تحقيق مڪمل ڪري شاھ جو رسالو گهڻن جلدن ۾ ترتيب ڏنو ؟
جواب : 10 جلد
138- ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو جو عربي ۾ ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو 251 عرس جي موقعي تي ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو ؟
جواب : 1400 ھ ، 1980ع
139- شاھلطيف جو رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ٻارنهن سالن عرصي ۾ سال 1336 ھ ڪنهن لکي پورو ڪيو ؟
جواب : عبدالمطلب جت
140- سر ڪيڏاري ۾ لطيف سرڪار قرآن پاڪ جون ڪيتريون آيتون آنديون آھن ؟
جواب : پنج
141- شاھ لطيف نار جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب سر ڏھر
142- شاھ لطيف گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر بلاول
143- شاھ لطيف جنت عدن جو ذڪر ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي ؟
جواب : سر سورٺ ۽ رامڪلي
?شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جا سر (ڪلام)
!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
1- سر ڪلياڻ (وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود)
2- سر يمن ڪلياڻ (موکي ۽ متارا جو ذڪر)
3- سر کنڀات (نبي سائين جي حسن و اخلاق ، مجازي عشق ، سج ، چنڊ ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر)
4- سر سريراڳ (ٻيڙن ۽ سمنڊ جو ذڪر)
5- سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر)
6- سر سھڻي
7- سر سسئي آبري
8- سر معذوري
9- سر ديسي
10- سر ڪوهياري
11- سر حسيني
12- سر ليلان چنيسر
13- سر مومل راڻو
14- سر مارئي
15- سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر)
16- سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي جو ذڪر)
17- سر ڪيڏارو
18- سر سورٺ
19- سر آسا (اکين جو ذڪر)
20- سر سارنگ
21- سر کاھوڙي
22- سر رپ (سر کيپ)
23- سر رامڪلي (جوڳين جو ذڪر)
24- سر بروو سنڌي
25- سر ڪاپائتي
26- سر پورب
27- سر ڪارايل ( پکين جو ذڪر)
28- سر پرڀاتي
29- سر ڏهر (ڪونج جو ذڪر)
30- سر بلاول (وڳنڌ بابت مذاق ، ڄام جکري جي سخاوت)
?شاھ لطيف جا شايع ٿيل رسالا
!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
1- شاھ جو رسالو – ارنيسٽ ٽرمپ – 1866
2- شاھ جو رسالو – تاراچند شوقيرام – 1900
3- رسالہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة – مرزا قليچ بيگ – 1913
4- شاھ جو رسالو – ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي – ٽي جلد – (1931-1924-1923)
5- شاھ جو رسالو – غلام محمَّد شاھواڻي – 1950
6- دفتر لطيفي وارو رسالو – محمَّد عثمان ڏيپلائي – 1951
7- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ – غلام مصطفيٰ قاسمي – 1951
8- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف – علامہ آءِ آءِ قاضي – 1961
9- شاھ جو رسالو – ڪلياڻ آڏواڻي – 1966
10- شاھ جو رسالو – شاھ جو ڪلام – ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ – 1989 – ڏھ جلد
11- شاھ جو رسالو – الف – ب وار – ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو – 1994
12- الف – ب وارو شاھ جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي – عبدالغفار گوھر دائود پوٽو – 1994
13- شاھ جو رسالو – عثمان علي انصاري – 1997
14- شاھ جو رسالو – ٻانهون خان شيخ – 2002
?شاھ لطيف جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾
!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
1- مقالات الشعراءَ – مير علي شير قانع ٺٽوي – 1761ع – 1174 ھ (شاھ لطيف جي وصال کان ڇھ سال پوءِ)
2- تحفة الڪرام – مير علي شير قانع ٺٽوي – 1768ع – 1181 ھ (فارسي) – سنڌي ترجمو – مخدوم امير علي
3- معيار سالڪان طريقت – مير علي شير قانع ٺٽوي – فارسي – 1787 – ترجمو – شيخ محمَّد حسن ٿريچاڻوي – 2010
4- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون – رچرڊ برٽن – 1871
5- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي – مرزا قليچ بيگ (انگريزي 1877) (سنڌي 1897)
6- لطائف لطيفي – مير عبدالحسين سانگي (فارسي 1887)
7- شاھ تي تحقيق – ليلا رام وطڻ مل – 1889
8- مرغوب الاحباب – نظر علي بلوچ – 1945
9- شاھ سچل سامي – ڪلياڻ آڏواڻي – 1951
۔10- Shah Latif Of Bhit مرتب – ڪريم بخش خالد – 1962 – (210 عرس تي ڇپيو)
11- پنج گنج – قادر بخش بيدل – (فارسي) – (سنڌي ترجمو – صوفي سبحان بخش -1977)
12- شاھ سچل سامي – مرتب : اي جي اتم – 1982 – ٻيو ڇاپو 1984
13- شاھ سچل ۽ خليفو قاسم – محمَّد حسين ڪاشف – 2012
14- لطيفي لهرون – (مضمون) – پروفيسر علي نواز جتوئي
?شاھ جي رسالي تي تحقيق
!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
1- شاھاڻو شاھ – لعل چند امر ڏنو – 1914
2- مقدمہ لطيفي – ڊاڪٽر گربخشاڻي – 1923
3- لطيفي سير – ڀيرو مل آڏواڻي – 1928
4- شاھ جي رسالي جو رهبر عرف ککر ۾ کڙو – محمَّد عثمان ڏيپلائي
5- پيغام لطيف – جي ايم سيد – 1952
6- ڀٽ ڌڻي عرف فڪر لطيف – مولوي عبدالحيءُ – 1962
7- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي – مرزا قليچ بيگ – 1972ع – 1392 ھ
8- شاھ لطيف جي شاعري – تنوير عباسي – 1976
9- شاھ ، سچل ، سامي – محمَّد ابراهيم جويو – 1978
10- لطيف جو پيغام – ميمڻ عبدالمجيد سنڌي – 1979
11- سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف – ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر – 1988
12- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري – ڊاڪٽر غلام النبي سڌايو – 1990
13- شاھ جي ٻولي – آفتاب ابڙو – 1990
14- شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ – ڊاڪٽر فهميده حسين – 1993
15- ڀٽ جو گهوٽ – ڊاڪٽر بشير احمد شاد – 1993
16- عرفان لطيف – ڊاڪٽر بشير احمد شاد
17- پيھي منجھ پاتال – ڊاڪٽر بشير احمد شاد
18- شاھ لطيف ھر دور جو شاعر – ڊاڪٽر بشير احمد شاد
19- شاھ جون آکاڻيون – ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي – 1994
20- شاھ جي شاعري ۾ استعارا ۽ تشبيھ نگاري – ڊاڪٽر ام ڪلثوم – 2004
21- ڀٽائي جو مطالعو – ڊاڪٽر اسد جمال پلي – 2006
22- شاھ لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو – ج ع منگهاڻي – 2006
23- سوز وساز لطيف – حيدر علي – 2009
24- مون مطالع سپرين – اياز قادري
25- سنڌ جو شاھ – بدر ابڙو
26- ڀٽ جو شاھ – ايڇ ٽي سورلي – سنڌيڪار عطا محمَّد ڀنڀرو
27- لطيف جو پيغام – ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
28- فڪر لطيف – ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
29- لات جا لطيف جي – آغا سليم
30- اديون آءُ اڄاڻ – ڊاڪٽر فهميده حسين
31- لطيفي لات – ممتاز مرزا
32- موکي متارا – استاد لغاري
33- جھڙي سونهن سندياس – ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي
34- مون ۾ تون موجود – ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي
35- شاھ جي رسالي جي نباتات – پريتم پياسي
?شاھ لطيف جي رسالي جا ڪي ترجما
!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
1- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) – شيخ اياز – 1963
2- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) – آغا سليم – 2000
3- کلام شاه عبداللطيف – (اردو – نثري ترجمو) – اياز قادري ۽ وقار احمد – 1993
۔4- Shah Jo Risalo alias Ganj Latif – محمود يعقوب آغا شاھ – 1985
۔5- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai Translated in Verses – پروفيسر آمنہ خميساڻي – 1994
۔6- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai
ايلسا قاضي (Selction) – 1965
۔7- Selection From Risalo – جي الانا
8- السيد عبداللطيفرحمة اللہ عليه اشاعرالڪبير في ال باڪس ٽانڪڻ – (عربي) – ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو – 1989
9- شاھ ڀٽائی دا رسالہ – (پنجابي) – ڪرتار سنگھ عرش
وارو – 1996شاھ عبداللطيف ڀٽائي