سيد غلام حيدر شاهه قلندري.
اڄڪلهه معاشري ۾ هڪ وڏو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنھن جي گھر ۾ ڪا اھميت ناھي اھو به ٻاھر چڱو مڙس پيو سڏرائي، اهڙي قسم جي ماڻهن جا ولر ائين پيا گھمن ڄڻ بکايل جنگلي لومڙيون ۽ بگهڙ، وري جانچي ڏسجي سڀ چونڊيل معاشرتي بي روزگار ۽ فنڪار، روزگار طلب، ٺڳ ٺاھ ويلا ٽار اسڪيم (يعني وقت جي ماني دوستن تي) جيڪڏھن اھڙا فَردَ اسان جي معاشري جي ڪيترن ئي روپن ۾ اچي نروار ٿي چڱا سڏجي سيٽون ولارين ڀلا پوءِ نسلن جي تباھي نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو؟ اعتبار وارين جائين تي جن کي ھميشه ادب ۽ اعتماد جي نظرن سان ڏٺو پئي ويو اھڙي فيلڊ کي خالي ڏسي لشڪر حمله آور ٿي معتبر نالن جي آڙ ۾ مخلوق خدا کي ڦرلٽ لاھي ڏين ته اسان نيڪي جو ڪم ڪريون پيا بس بي روزگار آھيون وارو ڪريو، يا مقدس جاءِ جي تعميرات جي نالي سان ٽوال ڪلھي تي چندا پٽ ۽ ڏن پٽ جي روڙ روڙا لڳي پئي هجي ته ان جو اثر اصليت تي پوي ٿو، نقل جي صورت ۾ جيڪڏهن ولر ۾ ھڪ ڪرڙي ڪني ته سڄو ولر ڪنو ڪري وڃي، پاڙي ۾ ھڪ نڀاڳو سڀني تي ڪاراڻ جو ٺڪر، ھڪ چور ته سڄو پاڙو آزار ۾، سڄيون راتيون مفت جي پانن تي پرائين اوطاقن تي ائين پيا زمينن تي ليڪا ڪڍن ڄڻ سرزمين پيا ماپين، وري خيالي پلاءُ خوابن جي روپ ۾ ڄڻ وڏا موسميات خاطي جا آفيسر، جيڪڏھن ڪٿي ڪو لائوڊ اسپيڪر ملي پوي ۽ پنج اٺ ماڻھو ڏسڻ ۾ اچن وڏا فلاسفي ڄڻ ڪي منصور حلاج ۽ سرمد کان وڌيڪ ڏاھا، جيڪڏھن ڪنھن سڏڻ وارا خير خيرات جي رسم تي سڏين ته دعائون به اھڙيون ڄڻ حضرت خضر عليه سلام جا پاڙھيل، دعائون به ٽولن جي صورت ۾، تقريون به قطارن جي صورت، جيڪڏھن ڪو ويٺل وضو جا فرض پڇي ته چون پهرئين ٺوٺيون ڌو، عشق جي ڳالهه ڇڙي ته ڄڻ مجنون وانگر نئون ڪلاڪ زھر چپن تي چوٽيل ملندو، وري اڪيلا ٿين ڄڻ باب ئي نوان رات وئي ڳالهه وئي، سڀ سبق ڪھاڻي پراڻي، ڀاڪر اھڙا وجھن بس جھڙا وڏا سڄڻ ۽ سڃاھ وند، بس اھڙا سريلا جوان اوھان کي ھر فيلڊ ۾ رلندين ملندا، وصف ڏسو ائين ملن ته سمجھو گھر کان واندا، ٽڪاڻي داخل، بس انهن کان مٺيون ڀيڙي ڀڄو.