ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) اڳوڻي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي نمازه جنازه شهلياڻي رائيس مل گرائونڊ تي ادا ڪري پنهنجي ابائي قبرستان محرابپور ۾ تدفين ڪئي وئي خبر موجب اڳوڻي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گهرواري ۽ پ پ پ تعلقه صدر مير عامر خان شهلياڻي ۽ اڳوڻي ايم پي اي گوهر خان شهلياڻي جي والده مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي, مرحومه جي نماز جنازه شهلياڻي رائس مل گرائونڊ ڳڙھي خيرو ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازه ۾ سياسي, سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي.جنهن بعد مرحومه کي اباڻي ڳوٺ محرابپور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو, جڏهن تي سياسي سماجي ڪارڪنن, شهرين ۽ لائقي جي معززين پاران شلهياڻي هائوس تي پهچي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.