واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سيپڪو هائوڊور يونين پاران احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز (رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) نوشهروفيروز ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء سيپڪو هائڊرو يونين پاران انجنيئر آفيس کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي يونين جو چيئرمين علي نواز ملڪ , اڳوڻو چيئرمين غلام عباس سولنگي , جنرل سيڪريٽري آفتاب احمد ڪلهوڙو , محمد ٻڍل سولنگي , محمد جڙيل ڏيٿو , محمد يعقوب عالماڻي , غلام شبير ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هن دور ۾ سيپڪو جڏهن ڪمائي رهي آهي ته پوء ان کي خانگائڻ واري تلوار اسان ملازمن جي مٿان ڇو لٽڪائي وئي آهي جيڪڏهن ڪرپشن آهي ته اها مٿين ليول تي آهي ان جي سزا ننڍن ملازمن کي ڇو پئي ڏني وڃي هنن چيو ته وفاقي حڪومت سيپڪو ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري پئي پهريان بجيٽ ۾ پگهارون نه وڌايون وري هاڻي 55 سال تي رٽائر ڪرڻ سان گڏ انڪريمينٽ بند ڪئي پئي وڃي جيڪا وڏي زيادتي آهي اهڙي ملازم دشمن پاليسي نامنظور آهي هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج کي وسيع ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري نااهل حڪمرانن تي هوندي

Read Previous

عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي مان عوام مايوس آهي: کيئل داس ڪوهستاني

Read Next

ڳڙهي خيرو: اڳوڻي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي نمازه جنازه شهلياڻي رائيس مل گرائونڊ تي ادا

Most Popular