ميهڙ لڳ ڳوٺ غلام محمد کوسو جي رهواسي نوجوان سوشل ورڪر ماجد علي کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج

ميھڙرپورٽر(ميربابا)ميهڙ لڳ ڳوٺ غلام محمد کوسو جي رهواسي نوجوان سوشل ورڪر ماجد علي کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج ڪندي چيو آھي ته مون ڏيڍ مهينو اڳ پنهنجي گهر واري انيتا جي ڊليوري لاء آپريشن ميهڙ جي ڊاڪٽر طلعت مجيد ٻليدائي جي ڊليوري هوم مان ڪرائي هئي جنهن منهنجي گهر واري جي سيزر وقت صفائي صحيح طرح نه ڪئي ۽ ان جي پيٽ ۾ ڪافي گند ڪچرو رهجي ويو هيو جنهن کان پوء منهنجي گهر واري جي طبيت اڪثر خراب رهندي هئي ۽ آء بار بار ڊاڪٽر طلعت مجيد ٻليدائي کان اچي پنهنجي گهرواري جو چيڪ اپ ڪرائيندو رهيس مگر هن جي طبيعت اڃان به وڌيڪ خراب ٿيندي وئي آخر مون سنڌ ليٽاريٽري ميهڙ کان پنهنجي گهر واري جو الٽراسائونڊ ڪرايو جنهن جي رپورٽ مطابق ته منهنجي گهر واري جي آپريشن وقت صفائي سهي نه ڪئي وئي آھي ۽ ان جي پيٽ ۾ گند ڪچرو تمام گهڻو رهجي ويو آھي ۽ مون اهڙي رپورٽ هن کي ڏيکاري ته هن ان رپورٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان صفائي سهي ڪئي آهي ۽ توهان هتان هليا وڃون جڏهن اسان احتجاج جو چتاء ڏنوسين ته هن ڊاڪٽر شبانا شيخ کان رپورٽ ڪرائڻ لاء لکي ڏنو جنهن ۾ به ساڳي رپورٽ آئي ۽ هن ٻيهر صفائي ڪئي مگر پوء به منهنجي گهر واري جي طبعيت نه سڌري ۽  منهنجي گهر واري جي طبيعت صفا خراب ٿي وئي ۽ ھن کي بيهوشي جي حالت ۾ لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪرايوسين هن وڌيڪ دانهيندي چيو ته مون مسڪين پورهيت وياج تي ٽي لک روپيا وٺي گهرواري جي علاج تي خرچ ڪري چڪو آھيان ۽ اڄ لاڙڪاڻي کان واپس موٽيو هان ۽ منهنجي گهرواري جي طبيعت ڪجھ ٺيڪ ٿي آھي، ان موقعي تي هن وڌيڪ دانهيندي چيو ته پٽ سٽ ڪري وياج تي پيسا وٺي پنهنجي گهر واري جو علاج ته ڪرايو آھي ۽ اڃان به هن جي طبيعت بگڙي سگهي ٿي ان ڪري اگر هن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي ذميوار ڊاڪٽر طلعت مجيد ٻليدائي هوندي، هن احتجاج ڪندي ايس ايس پي دادو ڊي آء جي حيدرآباد آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڊاڪٽرياڻي خلاف ايڪشن کڻي ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته آء ٻچڙا وٺي انڊس هاء وي تي احتجاج ڪري پاڻ کي باه ڏيئي ساڙيندس،جڏهن ته هن جو اهو به چوڻ هيو ته آء انصاف لاء سڀاڻي ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪورٽ ۾ پڻ درخواست داخل ڪندس.

Read Previous

دادو : عوامي اتحاد دادو سوشل ميڊيا پلس شهري ويلفئير ايڪشن ڪاميٽي مختلف سماجي شهرين علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Read Next

ٽنڊوالھيار ڊسٽرڪٽ انچارج جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن سان گڏ اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا

Most Popular