ٽنڊوالھيار ڊسٽرڪٽ انچارج جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن سان گڏ اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا

ٽنڊوالھيار (رپورٽر)ٽنڊوالھيار ڊسٽرڪٽ انچارج جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن سان گڏ مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا، اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ماحولياتي قانوني 2014 موجب ضائع نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار، صوبائي وزير اداره تحفظ ماحوليات سنڌ ۽ ڪوسٽل ڊوليمينٽ ۽ موسمياتي تبديلي بيريسٽر مرتضي وھاب ۽ڊائريڪٽر جنرل اداره تحفظ ماحوليات نعيم احمد مغل ۽ ريجنل انچارج اداره تحفظ ماحوليات عمران عباسي جي ھدايت تي ڊسٽرڪٽ انچارج شاھ خالد جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن رياض الدين يوسف زئي ۽ محمد فرحان خانزاده سان گڏ مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ماحولياتي قانوني 2014 موجب  ضايع نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، جلد کان جلد اسپتال ويسٽ مينجيمنٽ پلان ۽ اسپتالن مان نڪرندڙ زھريلو مواد (سيپا) ايڪٽ 2014 موجب انسنيريٽر ۾ ضائع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ انچارج شاھ خالد ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل اداره تحفظ ماحوليات نعيم احمد مغل ۽ ريجنل انچارج عمزان عباسي جي خاص ھدايتن تي اڄ اسان ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين جو اوچتو دورو ڪيو آھي اسپتال ويسٽ مئنيجمينٽ پلان ۽ اسپتال ۽ ليبارٽرين جو ڪن ڪچرو ماحوليات کاتي جي قانون موجب ضايع نه ڪرڻ تي مٿن سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي سمورين اسپتالن ۽ ليبارٽرين کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته جلد کان جلد پنھنجين اسپتالن ۾ ويسٽ مئنجيمينٽ پلان ۽ انسنيريٽر پلانٽ لڳرائين ۽ پنھنجين اسپتالن جي زھريلي مواد کي ماحولياتي قانون 2014 موجب انسنيريٽر ۾ ضائع ڪن ھدايتن تي عمل نه ڪندڙن خلاف سنڌ انوائرئمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي 2014 ايڪٽ جي قانون تحت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي

Read Previous

ميهڙ لڳ ڳوٺ غلام محمد کوسو جي رهواسي نوجوان سوشل ورڪر ماجد علي کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج

Read Next

پاڪستان خاصخيلي اتحاد مرڪزي سپريم ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

Most Popular