سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي خلا سنڌي ادبي سنگت شاخ ۽ ضلع نوشهروفيروز پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز(ڊر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ  ۽ ضلع نوشهروفيروز پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي پريس ڪلب نوشهروفيروز کان شروع ٿي جيڪا شهر جو گشت ڪرڻ بعد الله واري چوڪ پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، ضلع رابطا سيڪريٽري مظهر خاصخيلي، راڻا شير محمد، ارباب ملاح، امام بخش مشوري، محرم چنه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ون يونٽ جي ڪڙي ۽ 18هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ وفاق پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙيون سازشون ڪندو پيو اچي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ وفاق مختلف بهانا ڪري سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا اڳ ئي غيرقانوني طور پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري چڪو آهي هاڻ وري سنڌ جا ٻيٽ به غير قانوني طريقي سان پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ چاهي ٿو پر اهڙو سنڌ دشمن منصوبا سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر سنڌ جي نمائندگي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪري ٻيٽن واري صدارتي آرڊِيننس کي رد ڪن نه ته ٻي صورت ۾ کين اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي وجود کان سواءِ سندن وجود به ناڪافي آهي. جيڪڏهن ٻيٽن وارو صدارتي آرڊيننس فوري طور رد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

Read Previous

سيوهڻ سوشل فورم جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمون ۽ سوين شھري روڊن تي نڪري آيا

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيڀاڙيَن مٿان ڀِت، ڪانوَن ڪيرائي وِڌي

Most Popular