سيوهڻ سوشل فورم جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمون ۽ سوين شھري روڊن تي نڪري آيا

سيوهڻ شريف رپورٽ(محمد حنيف شاهاڻي)سيوهڻ سوشل فورم جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مختلف سياسي سماجي  تنظيمون ۽ سوين شھري روڊن تي نڪري آيا، الشھباز لائبريري کان ڌمال چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي صدارتي آرڊينينس ذريعي ٻيٽن تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.تفصيل موجب سنڌ جي ٻيٽن ۽ سمنڊ تي صدارتي آرڊينينس ذريعي وفاق جي غير آئيني ۽ غير قانوني قبضي خلاف سيوهڻ سوشل فورم پاران الشھباز لائبريري کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن گشت ڪندي ڌمال چوڪ تي پهتي جتي سيوهڻ سوشل فورم جي چيئرمين محمد اشرف سولنگي، نائب صدر مولا بخش نوحاڻي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي سيوهڻ جي صدر علي اصغر سولنگي، تعلقہ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد شريف سولنگي، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ اياز سولنگي، جدوجهد ڪاميٽي جي اڪبر ملاح، شيعا علماء ڪائونسل جي صفدر گاڏهي، پ ٽ الف شھباز پينل جي محمد بخش رند، نوجوان اتحاد جي امام علي جتوئي فورم جي اڳواڻن منصور آزاد چنہ، آفتاب سولنگي ۽ ٻين احتجاج کي خطاب ڪندي چيو تہ وفاق جي نالي ۾ ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قابض ٿيڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آھن تازو ئي صدارتي آرڊينينس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آھي جنهن کي سنڌ جا ماڻھون مڪمل طور تي رد ڪن ٿا، سنڌ جا سمورا ٻيٽ سنڌ جي قومي ملڪيت آھن جنهن تي سمورو حق سنڌ جو آھي ۽ سنڌ جي قومي ملڪيت تي ڪنهن جو ناجائز قبضو هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو. هنن سنڌ ايڪشن  ڪاميٽيءَ سميت مختلف ڌرين پاران ٻيٽن جي بچاءَ لاء اعلانيل احتجاجن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي سنڌ جي وحدت جي بچاءَ لاء پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ سنڌ ڪابينا کان پرزور گهرَ ڪئي تہ سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ آڻي سنڌ دشمن صدارتي آرڊينينس کي رد ڪيو وڃي.

Read Previous

گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري ڪئمپس اسڪول ھبيري انيڪ مسئلن جو شڪار

Read Next

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي خلا سنڌي ادبي سنگت شاخ ۽ ضلع نوشهروفيروز پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular