اسان جي ماحول ۾ ڪجهه لفظن کي غلط رنگ ڏنو ويندو آهي، جيئن سست ھمت ھارڻ واري کي، ڪم چور عادتي پينو کي، ونگاري ڪامريڊ کي پڪوڙا خور (پڪوڙا خور مطلب بادي اجائي حرص ۽ حوص جو گيس جمع ڪرڻ وارو)، صوفي کي جاهيلاڻا ڪم ڪندڙ، اجائي شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ لکيل پڙھيل جا جاھيلاڻا ڪم واري ان ڀليل اسٽائيلش واري کي، سٺي سياسي ورڪر جو ڏوڪڙن جي چڪر ۾ اچي مال ڪمائڻ جو شوقين ٿيڻ واري کي، ھڪ وڏيري بزدل ٿي لڪي ڇپي وارداتون ڪري پنھنجي پاڙي وارن ٻين وڏيرن کي تنگ ڪرڻ واري روايتي حسدي کي، ائين ھڪ عطائي ڊاڪٽر ٻين عطائي ڊاڪٽرن جا ڏس پتا ڏئي انھن کي سوگھو ڪرائيندين پاڻ پنهنجو ڪرتوتن جو شڪار ٿي پوڻ واري کي، ائين ھڪ ڄٽ جاھل جو خوامخواه لکيل پڙھيل سان بغير علم جي بحث مباحثو ڪرڻ پوءِ مٿي ۾ سور وجھڻ واري کي، بغير دولت جي وڏو منصب ماڻڻ، ھٿ ٺوڪي شھرت ڳولڻ واري ان خيالي پلاءُ پچائڻ واري کي، ھارين جو ڪوڙ ھڻي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ھڻي پنهنجي روزي تي لت ڏيڻ واري کي ۽ ائين زميندار جو ايڊوانس ھارين کي رقم ڏيڻ ۽ پوءِ ٻئي ھٿ مٿي تي اھڙي ذميدار کي، ڪنهن مسڪين مريضن کان ڊاڪٽرن جون اجايون ٽيسٽون ڪرائي مسڪين مار ڪرڻ واري کي، بغير داروغن ۽ بيلدارن جي ڪنھن شاخ ۽ واھ ڪينال مان پاڻي پيئڻ پوءِ دٻ جهلڻ کان منٿون ميڙ ڪرڻ واري کي، ڪنهن شادي شده مرد جي شوقيه بي فضول ٻئي شادي ڪرڻ واري کي، مطلب ته ھي اھڙا اشوز آھن جن کي اسان جي سنڌي معاشري ۾ اھڙن لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، يعني ڪنهن تي ڀاڙڻ، ڪنھن جو آسرو ڪرڻ سمھي رھڻ، فلاڻو ھمراھ پاڻھي ڪم ڪندو، اُهي سڀ مٿي ذڪر ڪيل جملا انھن جي پويان ان لفظ جي معنيٰ آھي جيڪو عنوان طور سنڌي چوڻي طور قطب آندو ويو.
جيئن ھڪ دوست کان ڪنھن دوست پڇيو يار ڪجهه ڏينھن اڳ توھان مون سان مليا ھئا ڏاڍا خوش باش ۽ سمارٽ پئي لڳا، خاص ڪري اوھان جا وار تمام بھترين وڏا ۽ پشم جھڙا پئي لڳا، ھن وقت اوھان جي مٿي تي ٽوپي (ڪيپ) پاتل آھي ۽ ڪٿي ڪٿي وار اڌ مڙيل نظر پيا اچن، شايد ڪو چور وار لڳي ويو، ان تي ھمراھ ڦڪائي ۾ ھائيبرڊ کلڻ شروع ڪيو، گڏ آيل دوست اڻڄائي ۾ چئي ڇڏيو ته، صاحب! ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ٻي شادي ڪئي آھي، ٻه ڏينهن اڳ صاحب پراڻي گھر آيو ھو خبر چار وٺڻ، اڄ جيئن گھران نڪتو ۽ مون سان مليو مون ان حال ۾ ڏٺو آھي، بس ھمراھ مصنوعي کل ڪري سنوارت لاءِ ڪنھن سيلون جو ڏس پڇڻ لڳو ۽ ڏاڙھي ٺھرائڻ جي ڳالهه ڪرڻ لڳو، سامھون دوست دنيا ساز ھو ۽ سمجھو به هو، ھڪدم چيائين دوست دل نه ھار مٿي ڪي ھڪدم پاڪي ڦيرائي ڇڏ، ڪو پڇي ته گرميءَ جو بھانو ڪري ڇڏ، باقي گنج ٿيڻ وار پٽجي وڃڻ يا وار کسي وڃڻ جي بھانن کان پاڪي وارو بھانو اثرائتو ۽ وقتائتو آھي، اسان سڀ انھن مرحلن مان گذري آيا آھيون مڙئي خير آھي، ڳالهه جو مفهوم ته ھي سڀ ڳالھيون ان لفظ جي چوطرف ڦرندڙ آھن ته ھٿيار ڦٽا ڪرڻ بھتر آھي، پوءِ ڀلي ڪارٺ جو ٺڪر ڇو نه ويچاري ڪانوَ تي پوي ته ھي ھيڏي وڏي ڀت ھن ننڍڙي پکي ڪرائي ڇڏي، جيتوڻيڪ ڀت تي ڀيڙو اڳئي آيل ھو، جتي اھڙي صورتحال ڏسو بس ائين سمجهو ته سنڌي چوڻي، ڀاڙيَن مٿان ڀِت، ڪانوَن ڪيرائي وِڌي. ڪنھن تبصري ڪرڻ کان سواءِ بس مٺيون ڀيڙي ڀڄو.
سيد غلام حيدر شاهه قلندري.