وزيراعظم جي خصوصي معاون عاصم سليم باجوه جي استعيفيٰ منظور

اسلام آباد: :  وزيراعظم  عمران خان  پنهنجي خصوصي معاون عاصم سليم باجوه جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. عاصم سليم باجوه سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مان وزيراعظم عمران خان کي خصوصي معاون جو واڌو عهدو ڇڏڻ جي درخواست ڪئي هئي جيڪا هن منظور ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل(ر) عاصم سليم باجوه چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي جي عهدي تي ڪم جاري رکندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن هڪ ويب سائٽ تي استوري نشر ٿيڻ کان پوءِ عاصم سليم باجوه وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي هئي جنهن کي وزيراعظم عمران خان قبول ڪرڻ کان معذرت ڪندي عاصم سليم باجوه کي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.  وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به چيو هو ته عاصم سليم باجوه پنهنجي مٿان لڳل الزامن جو جواب ڏنو ۽ اسان  سندس ڏنل جوابن جو جائزو ورتو آهي. جيڪڏهن آئنده به  سندس مٿان ڪوبه الزام لڳي ٿو ته ان جي به جاچ ڪئي ويندي ۽ ضرورت پوڻ تي  معاملو ايف آءِ اي کي به موڪليو ويندو.

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيڀاڙيَن مٿان ڀِت، ڪانوَن ڪيرائي وِڌي

Read Next

ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان ميمبر ملڪن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا

Most Popular